ڪڙيو گهنور ۾ پولنگ اسٽيشن تي ضابطه اخلاق جي ڀڃڪڙي، ٻه ڄڻا هٿيارن سميت گرفتار

بدين (ڊ ر) بدين ۾ مڪاني چونڊن جو ٻيو مرحلو پرامن طريقي جاري رهيو. جڏهن ته ان موقعي تي ڪنهن به اڻوڻندڙ واقعي کي منهن  ڏيڻ لاءِ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا هئا. پولنگ دوران صبح جي وقت ۾ ووٽرن جي تعداد ۾ گهٽتائي نظر آئي جڏهن ته ڪجهه دير کان پوءِ پولنگ اسٽيشنن تي رش وڌي وئي.  ميڊيا رپورٽن مطابق بدين جي ڪڙيو گهنور ٿاڻي جي حد ۾ پولنگ اسٽيشن تي ضابطه اخلاق جي خلاف ورزي سبب ٻه ڄڻن کي هٿيارن سميت گرفتار ڪري سندن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. تفصيل مطابق  ٿاڻي ڪڙيو گهنور جي حد ۾ پولنگ اسٽيشن جي پي ايس عبدالڪريم نظاماڻي تي پرزائيڊنگ آفيسر ۽ پولنگ عملي کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ جي خبرن جو ايس ايس پي بدين شاهنواز چاچڙ فوري نوٽيس وٺندي ايس ايڇ او ٿاڻي ڪڙيو گهنور کي جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ جو حڪم ڏنو. ايس ايڇ او ٿاڻو ڪڙيو گهنور انسپيڪٽر عاشق علي لنڊ اسٽاف سان گڏ فوري ڪارروائي ڪندي جوابدارن حاجي نظاماڻي ۽ سجاد علي زنگيجو کي غيرقانوني هٿيار هڪ رپيٽر، هڪ بندوق ۽ 2 پسٽول، امونيشن سميت گرفتار ڪري ورتو، پوليس جوابدارن خلاف  ٿاڻي ڪڙيو گهنور تي پرزائيڊنگ آفيسر جي شڪايت ۽ آرمس ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ورتو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.