” مهانگائي تي ڪنٽرول ڪريو“ جماعت اسلامي جي سڏ تي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاھرا

ڪراچي(نمائندا) امير جماعت اسلامي سراج الحق جي اپيل تي اٽي جي هٿرادو کوٽ سميت مھانگائي خلاف لاڙڪاڻي ،سکر،خيرپور،شڪارپور،سڪرنڊ۽سانگھڙ۾ احتجاجي مظاھرا ڪيا ويا .احتجاجي مظاھرن ۾ شريڪ ماڻھن جي ھٿن ۾ پلي ڪارڊ ھئا جن تي مھانگائي ختم ،اٽو سستو ڪريو، نااھل حڪمران ھٽايو ملڪ بچايو جا مطالبا لکيل ھئا.لاڙڪاڻي ۾ جناح باغ لاڙڪاڻي تي مھانگائي خلاف احتجاجي  مظاھري کي جماعت اسلامي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري ڪاشف سعيد شيخ خطاب ڪندي چيو ته نا اھل ۽ ڪرپٽ قيادت جي ڪري اڄ ايٽمي طاقت وارو ملڪ دنيا ۾ پينو فقير ۽ عوام اٽي لپ لاءِ پريشان آھي.اٽي سميت عام واھپي وارين شين جا اگهه آسمان سان ڳالھيون ڪري رھيا آھن .بجلي گيس توڙي تيل سميت ھر شئي تي ٽيڪس لڳائي مھانگائي جو طوفان ڪري عوام جو جيئڻ به مشڪل بڻائي ڇڏيو آھي. سنڌ جي خوشحالي کان وٺي عوام جي مڙني مسئلن جو حل شريعت جي نظام ۽ ديانتدار کي اڳتي آڻڻ ۾ آھي.اٽي کنڊ ۽ ڪڻڪ چور قيادت مان ڪنھن خير جي اميد رکڻ ٻٻرن کاٻير گهرڻ برابر آھي . ھن گهر ڪئي ته ھٿرادو اٽي جو بحران ختم ۽ مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري عام ماڻھو کي جيئڻ   جو حق ڏنو وڃي. مظاهري کي ضلعي امير قاري ابو زبير جکرو.مقامي امير رميزراجا شيخ پڻ خطاب ڪيو.ھوڏانھن شھدادڪوٽ ۾ڪوٽو موٽوچوڪ کان پريس ڪلب تائين لڳل احتجاجي ريلي کي ڊاڪٽر امتياز شيخ محمد ابراھيم دايو خطاب ڪيو. شڪارپو ۾ جھاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ٿيل مظاھري کي ضلعي اڳواڻ عبدالسميع ڀٽي ،صبغت اللہ بروھي خطاب ڪيو. سکر پريس ڪلب تي ٿيل مظاھري کي ضلعي امير سلطان احمد لاشاري ۽ مقامي امير زبير حفيظ خطاب ڪيو . خيرپور ۾ پنج گولا چوڪ تي ٿيل احتجاجي مظاھري کي جماعت اسلام جي صوبائي نائب امير ممتاز حسين سھتو ، ثناء اللہ جوڻيجو ۽ عبدالقدير مھيسر خطاب ڪيو.سڪرنڊ ۾ صحافي چوڪ کان احتجاجي مظاھري کي راشد مڪرم عاشق علي ۽ جاويد شاھ خطاب ڪيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.