پشاورسربند ٿاڻي تي حملي جا 2 سهولتڪار پوليس آپريشن ۾ مارجي ويا

پشاور(م ڊ) سربند پوليس اسٽيشن تي حملي ۾ ملوث دهشتگردن جا 02 سهولتڪار پوليس انٽيلي جنس بيسڊ آپريشن دوران مارجي ويا آهن. پوليس طرفان جاري هڪ بيان موجب آپريشن ڪائونٽر ٽيررازم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) ۽ ڊسٽرڪٽ پوليس گڏيل طور تي پشاور جي ڀر ۾ اسٽيشن سربند ويجهو دهشتگردن جي سهولتڪارن جي موجودگي جي باري ۾ حقيقي اطلاعن تي ڇنڇر رات ڪيو ويو. پوليس موجب ٽيم هدف جي ويجهو پهتي ته دهشتگردن پوليس فورس تي فائرنگ شروع ڪري ڇڏي، پوليس جوابي حملو ڪيو ۽ فائرنگ جو سلسلو ڪلاڪن تائين جاري رهيو جنهن جي نتيجي ۾ ٻه سهولتڪار مارجي ويا. مارجي ويل دهشتگردن جي سڃاڻپ ڪارڊ گل حئي ۽ حضرت عمر عرف منصور جي نالي سان ٿي آهي جيڪي سنگين ڏوهن جي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هئا، مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان ٻه اي ڪي فور رائلفز، ٻه بينڊ وليئرز، هڪ هينڊ گرنيڊ ۽ درجنين ڪارتوس هٿ آيا آهن، انهن دهشتگردن جو ڪالعدم تحريڪ طالبان پاڪستان سان تعلق آهي جڏهن ٻه ٽي ساٿي انڌيري جو فائدو کڻندي موقعي تان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿيا، پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي فرار ٿيل دهشتگردن جي ڳولا لاءِ لاڳاپيل  علائقن ۾ ڪومبنگ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي.

  • بي آءِ ايس پي سروي جو ڊائنامڪ سروي اڄ کان شروع

ڊيره اسماعيل خان(م ڊ) وفاقي مملڪتي وزير، پيپلزپارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ڊائنامڪ سروي اڄ سومر 16 جنوري کان شروع ٿي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ 613 تعلقن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام  جي تعلقي آفيسن ۾ سروي جو آغاز ٿيندو جنهن ۾ غريب، مستحق ۽ لاچار عورتن جي معلومات گڏ ڪري حڪومتي امداد مان مستحق ٿينديون. بينظير انڪم سپورٽ سروي پروگرام ۾ غريب مستحق ۽ لاچار عورتن جي معلومات گڏ ڪري حڪومتي امداد مان مستحق ٿينديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.