اوٻاوڙي ڀرسان پوليس مقابلو، انڍهڙ گينگ جا 3 ڏوهاري مارجي ويا

اوٻاوڙو(رپورٽ عبدالحئي ڇڄڻ) اوٻاوڙو لڳ ڪوٽ سبزل ۽ ڀونگ ٿاڻي جي حدن ۾ خفيا اطلاع تي ڏوھ جي ارادي سان بيٺل ڏوھارين خلاف ڀونگ پوليس ۽ ڪوٽ سبزل پوليس جي وڏي نفري جو ايس ايڇ او ڀونگ  نويد نواز ايس ايڇ او ڪوٽ سبزل سيف الله ملھي ۽ اي ايس پي شاھزيب چاچڙ جي اڳواڻي ۾ ڏوھارين خلاف ٽارگيٽ ڪارروائي ڪئي جتي پوليس ۽ ھٿيار بندن وچ ۾ سخت مقابلو ٿي پيو فائرنگ جي ڏي وٺ علائقي ۾ خوف حراس ڇائنجي ويو جتي پوليس ڏوھارين جو گھيرو تنگ ڪندي اغوا براء تاوان پوليس مقابلن سميت ڇهھ مھينا اڳ پوليس اھلڪار اڪبرعلي جي شھادت ۽ چئن پوليس اھلڪارن کي زخمي ڪندڙ انڍھڙ گينگ جا ٽي بدنام ڏوھاري سجاول گلاب ۽ گياندار دشتي پوليس مقابلي ۾ مارجي ويا ۽ ھڪ ڄڻو فرار ھٿيار ھٿ مارجي ويل ڏوھارين جو تعلق پنجاب جي علائقي راجن پور سان ٻڌايو پيو وڃي پوليس مارجي ويل ڏوھارين جا لاش کڻائي تعلقه اسپتال صادق آباد پھچايا آخري اطلاع تائين 10 ڪلاڪ گذرڻ باوجود لاش وصول ڪرڻ لاء ڪو به وارث نه پھتو ٽنھي ڏوھارين جا لاش اسپتال ۾ پيل آھن

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.