پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ بابت خبرن ۾ ڪا به صداقت نه آهي: اوگرا ترجمان

اسلام آباد(م ڊ)آئل اينڊ گئس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) جي ترجمان ميڊيا جي هڪ حصي ۾ ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي کوٽ بابت گردش ڪندڙ قياس آرائين کي سختي سان رد ڪندي چيو آهي ته انهن خبرن ۾ ڪا به صداقت ناهي، سڄي ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جو وڏو ذخيرو موجود آهي، اوگرا جي ترجمان عمران غزنوي آچر ڏينهن پنهنجي وضاحتي بيان ۾ چيو ته سڄي ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جو وڏو ذخيرو موجود آهي، هن واضح ڪيو ته پيٽرول ۽ ڊيزل جو قابل استعمال اسٽاڪ ترتيبوار 17۽ 32 ڏينهن لاءِ آهي جڏهن ته 80000 ميٽرڪ ٽن پيٽرول (موٽر اسپرٽ آئل) ۽ 90000 ميٽرڪ ٽن هاءِ اسپيڊ ڊيزل وارا وڌيڪ ڪارگو جهاز برٿ/گودي تي موجود آهن، ترجمان چيو ته مقامي ريفائنريز به ڪم ڪري رهيون آهن ۽ پيٽروليم اسمن جي طلب کي پورو ڪرڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.