اسلام آباد (م ڊ) صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي سربند پوليس اسٽيشن پشاور تي دهشتگرد حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. ايوان صدر جي ميڊيا آفيس مان جاري ڪيل بيان مطا بق صدر پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته، ڏک جي ان گهڙي ۾ اسان متاثر ڪٽنبن سان گڏ آهيون. دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين جنگ جاري رهندي. سڄي قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ شهيدن جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪري ٿي. صدر مملڪت حملي ۾ شهيد ٿي ويلن جي بلند درجن ۽ ڏکويل ڪٽنب جي صبر ۽ تحمل لاءِ ڌڻي در دعا گهري.