عادلپور ۾ ڳوٺاڻن جو احتجاج، انصاف جي گهر

عادلپور( ن ع آ) عادلپور  ٿاڻي جي حد ڳوٺ سونو مھر جي ڳوٺاڻن قربان مھر، مائي الھورائي، مائي  نوشاد، ٻارڙن سميت احتجاج ڪندي  الزام هنيو ته ڳوٺ جي  بااثرن رياض مھر، حضور بخش مھر، اعجاز مھر، اياز مھر، سرفراز مھر ۽ ٻين ڪيس تان کڻائڻ لاءِ گذريل ڏينھن ھٿيارن جي زور تي گھر ۾ گھري اسان مٿان حملو ڪري ڏنو حملي جي نتيجي ۾ عبدالغني، عبدالعزيز، خالد حسين، محمدحسن ۽ امجد علي  زخمي ٿي پيا، جن کي اسان ٿاڻي تان ليٽر ملڻ بعد گھوٽڪي جي تعلقي اسپتال داخل ڪرايو، جڏھن ته احتجاج ڪندڙ چيو ته بااثرن ٽي مھينا اڳ منھنجي گھرواري مائي رشيده سورنھن سالن جي نوجوان نياڻي شازيه ۽ يارنھن سالن جي پٽ محمداسماعيل کي اغوا ڪندي گم ڪري ڇڏيو آھي جنھن جي خلاف مان درخواستون ڪيون آھن ته منھنجي گھرواري نوجوان نياڻي ۽ پٽ کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي اھڙي ڪيس تان ھٿ کڻائڻ لاء مٿي ڃاڻايل بااثرن منھنجي گھر تي حملو ڪيو آھي ھنن اعلي اختيارين کان مطالبو ڪندي چيو ته  منھنجي گھرواري نياڻي ۽ پٽ کي بازياب ڪرائي بااثرن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.