حڪمرانن عوام کي تباهه ڪري ڇڏيو آهي، هٿ سان اٽو مهانگو ڪيو ويو آهي: امداد قاضي

خيرپور(رپورٽ: مختيار ڦلپوٽو)ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي سيڪريٽري جنرل ۽ پاپولر ليفٽ الائينس جي ڪنوينر ڪامريڊ امداد قاضي، پروفيسر مير منور صدر سنڌ ھاري ڪاميٽي ڪميونسٽ پارٽي سنڌ ھاري ڪاميٽي پاران گڏيل طور سوڪ سينٽر کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، ان دوران اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي حڪمرانن مختلف مافيائن سان ملي ڪري عوام جي زندگي عذاب ڪري ڇڏي آهي ۔ سڄي ملڪ ۾ اٽي جو بحران آهي، 60 روپين جي جاءِ تي 150 کان 200 روپين ۾ هڪ ڪلو اٽو وڪرو ڪيو پيو وڃي، اٽو خريد ڪرڻ غريب مسڪين ماڻهن جي وس کان ٻاهر ٿيندو پيو وڃي. اٽو ۽ ٻين خوراڪ جي مختلف شين ۽ انساني ضرورت جي سڀني شين جون قيمتون آسمان کي ڇهي رهيون آهن.  مختلف صوبن ۾ مختلف پارٽين جون حڪومتون هجڻ جي باوجود جٿي ڪٿي مافيائن جو راڄ آهي. پئٽرول، ڊيزل، گئس ۽ کائڻ پيئڻ جي شين جون قيمتون ايترو ته وڌي ويون آهن جو غریب ماڻھو جي استعمال ڪرڻ جي وس ۾ ناهن، هن وڌيڪ چيو ته هاڻي ته وچولي طبقي جون به رڙيون پيون ٻڌجن ۔حڪمران آئي ايم ايف سان ملي ڪري عوام کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن، پنهنجا شاهي خرچ گهٽائڻ لاءِ تيار ڪونهن ، صوبن ۾ وزيرن مشيرن جي فوج عياشيون ڪري رهي آهي، حالت اها آهي ته عوام کان سبسڊي کسي، حڪمرانن جو شاھ خرچيون پهريان کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ڪيون ويون آهن.ملڪ ۾ جج، جرنل، سول افيسر شاهي ، سيٺ سرمائيدار ، وڏيرن ۽ جاگيردار سیاست دانن جي حڪومت آهي. اهي ملڪ جي مالي ذريعن کي ٻنهي هٿن سان لٽي رهيا آهن ۔ عوام ڪنگال ٿي رهيو آهي، هنن چيو ته هٿرادو بحران پئدا ڪري روس کان ڪڻڪ گهرائي پنهنجي ماڻهن کي سپورٽنگ پرائيس تي ڏني پئي وڃي، پر هارين کي امدادي قيمت ڏيڻ لاءِ تيار ناهن. اچو ته جدوجهد ڪيون ، احتجاج ڪيون . جيڪڏهن وڏن شهرن ۾ احتجاجي مظاهرن ۾ نٿا پهچي سگهو ته پنهنجي ڳوٺ، پنهنجي محلي ۾، پنهنجي گهر ۾ وڊيو رڪارڊ ڪيو، . حڪمرانن تي لعنتون وجهو ، احتجاج ڪيو ، آئي ایم ایف جي غلاميءَ کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ حڪمرانن خلاف زبردست تحريڪ هلائي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.