جوهي ۾ مڪاني چونڊن ۾ سختي مقابلي بعد ستن سيٽن تان پ پ جا ڪائونسلر ڪامياب ٿي ويا

جوهي (  ن ع آ ) بلدياتي اليڪشن جي ٻئي مرحلي جي سلسلي ۾ ميونسپل ڪاميٽي جوهي جي 8 وارڊ تي پ پ / پي ٽي آء / قوم پرست جماعت ايس يو پي / مذھبي جماعت ٽي ايل پي / جمعيت علماء  اسلام / ۽ آزاد اميدوارن جي وچ ۾ ڪانٽي جي مقابلي بعد ستن سيٽن تان پ پ جا ڪائونسلر ڪامياب ٿي ويا جڏنهن ته هڪ سيٽ تان پي ٽي آءِ اميدوار ساوڻ خان ٻٻر ڪاميابي ماڻي ورتي جڏنهن ته  وارڊ  ون ۾ پ پ جي جنرل ڪائونسلر اميدوار جان محمد پهوڙ 500 ووٽ کڻي  پي ٽي آءِ جي اميدوار حنيف گهوٽ آزاد اميدوار زمان پنهور / جي يو آء جي گلزار پنهور کي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏنهن ته وارڊ 2 ۾ پ پ اميدوار ڪائونسلر رئيس علڻ خان لغاري 699 ووٽ کڻي مخالف اميدوارن  ايس يو پي جي اميدوار غلام قادر لغاري ٽي ايل پي جي اميدوار غلام سرور پهوڙ کي وڏي اڪثريت سان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي  جڏنهن ته وارڊ 6 پ پ اميدوار ڪائونسلر محمد شريف جمالي 597 آزاد اميدوار حاڪم  علي کوسو  ۽ پي ٽي آء  جي سپورٽر محمد عثمان جمالي ۽ ٽي ايل پي جي افضل جمالي شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي جڏنهن ته ميونسپل ڪاميٽي جوهي جي وارڊ 3 ۾ پ پ اميدوار ڪائونسلر  ظفر الله، ڏاهري پ پ شھيد ڀٽو جي ڪائونسلر محمد ھاشم کوسو شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي جڏنهن ته وارڊ 4 پ پ اميدوار مير مرتضي ٿهيم 360 ووٽ کڻي آزاد اميدوار روشن علي باهوٽو پي ٽي آء جي ايم اسماعيل ٿهيم آزاد اميدوار قربان کوکر سيد اعجاز شاھ , کي شڪست ڏئي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي آھي  جڏنهن ته وارڊ 7 تي پ پ جي نامزد ڪائونسلر اميدوار زاهد حسين لاشاري 460 ووٽ کڻي پي ٽي آء جي اميدوار تنوير رستماڻي ۽ ٽي ايل پي جي ساجد غوري کي شڪست ڏئي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي حاصل ڪئي آھي . ,جڏنهن ته وارڊ 8 ۾ پي ٽي آء جي اميدوار ساوڻ خان ٻٻر 459 ۽ پ پ جي ڪائونسلر غلام نبي ٻٻر کي بري شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي ٻئي طرف پ پ جي ڪامياب ٿيل اميدوارن طرفان ڪاميابي جي خوشي ۾ دهل شرنائن تي رقص ڪيو ان موقع تي پ پ تعلقه جوهي جي صدر عبدالمجيد جمالي ۽ ڪامياب ٿيل ڪائونسلر جان محمد پهوڙ ۽ پ پ اڳواڻ ممتاز کوسو ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته پ پ سدائين ملڪ جي خوشحالي لاء ۽ عوام جهموريت خاطر سدائين ڪاميابي ماڻي آھي جنهن جو اڄ واضع ثبوت آھي ته عوام ۾ اڄ به پ پ مقبوليت آھي هن چيو ته پ پ جون پاڙون عوام ۾ کتل آھن مخالفن کي گهرجي ته عوام کي گهمراه نه کين عوام جي مفاد ۾ ڪوب پروگرام ئي ناهي عوام وٽ ووٽ جي طاقت آھي جنهن سبب اڄ جوهي مان 8 سيٽن مان هڪ تي بنا مقابلي ۽ 6 مخالفن کي بري شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي آھي  .

  • مانجهند: سن ٽائون ڪميٽي تي ايس يو پي ڪامياب

مانجهند (ن ع آ) مانجهند تعلقي جي ٻن ٽائونن ۽ ست يوسين تي بلدياتي چونڊون ٿي گذريون سن ٽائون جي 4 وارڊن تي ايس يو پي اميدوارن چاندي خان پليجو  آصف علي شاه شھمير ملاح اياز خاصخيلي  ڪامياب ٿي ويا مانجهند ٽائون تي پ پ جو امتياز علي ميمڻ ۽ منور علي خاصخيلي کي سرسي حاصل ٿي وئي انڙپور يوسي ۾ پ پ اميدوارن ضلع ۽ چئرميني تي ڪاميابي جو جشن ڪندي مخالف ايس يو پي اميدوارن مٿان فائرنگ ڪئي منظورآباد آمري  ب پ پ کي سرسي ٻڌائي پئي وڃي يوسي لاکا تي ايس يو پي چئرمين اميدوار اعظم شاهه ۽ ضلع ڪائونسل اميدوار محمد امين کوسو کي سرسي حاصل هئي ڀٽ ڪاڇي جي پولنگ جو نتيجو جهيڙي سبب نه ملي سگهيو هو ايس يو پي ووٽرن کي ووٽ ڏيڻ کان روڪڻ جو سبب پڇڻ تي اڳواڻ سيد منير حيدر شاهه  تي مخالف حملو ڪري ڏنو هوڏانهن يوسي شالماڻي جي پولنگ تي پ پ اميدوار جا پرزائيڊنگ آفيسر جي ٺپن بنا 170 ووٽ ھٿ آيا جنهن بعد نتيجو روڪيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.