فرانسيسي ماهر موهن جو دڙو پهتو، اسٽوپا،گريٽ باٿ، ڊي ڪي ايرياگهمي ڏٺا

ڏوڪري (ن ع آ) قديمي ماڳ موهن جو دڙو تي يونيسڪو  جو فرانسيسي ماهر جيري زائفراءِ قديم ماڳ تي پهتو،اسٽوپا، گريٽ باٿ ڊي ڪي ايريا ۾ تهذيبي آثارن جو جائزو ورتو،جڏھن ته پرڏيهي ماهر سان ڊاريڪٽر موهن جو دڙو شاڪر شاهه، انجنيئر علي حيدر گاڏهي ڪيوريٽر روحل امين، آرڪيالاجسٽ الطاف آثيم،  نويد سانگاهه، شبير جويو،عبدالرحيم وساڻ ۽ ٻين معائنو ڪيو، يونسيڪو ماهر 10 ڏينهن تائين موهن جي دڙي تي رهندو،يونيسڪو ماهر هتان جي عملدارن ۽ ڪنزرويشن جو ڪم ڪندڙ ڪاريگرن کي سکيا ڏيندو،جنهن لاءِ هڪ ڏينهن جي ورڪشاپ به ٿيندي.جڏھن ته پرڏيهي ماهر قديم ماڳ کي پهتل نقصان  جي بحالي واري ڪم ۾ هتان جي آرڪيالاجي عملدارن ۽ ٻين ملازمن جي ڪنزرويشن جي ڪم ۾ رهنمائي به ڪندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.