ميرپور بٺورو (رپورٽ: شوڪت سومرو) مڪاني اليڪشن ۾ ٽائون ڪميٽي ميرپور بٺورو جي چئني وارڊن تي غير حتمي نتيجن موجب پيپلز پارٽي جا نامزد چار ئي اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن، انهي سلسلي ۾ ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر هڪ پيپلز پارٽي پاران نامزد ڪيل شريف اختر کٽي 521 کڻي جي يو آئي جي طفيل کٽي کي هارائي اليڪشن کٽي ورتي، جڏهن ته وارڊ نمبر 2 تي پ پ پ جي اياز اسماعيل سوھو 365 کڻي قومي عوامي تحريڪ جي يوسف ڪنڀار کي هارائي ڪاميابي ماڻي، ٽائون ڪميٽي جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ پ جي غلام علي خواجه 407 کنيا سامھون مخالف جي يو آئي جي اميدوار طاهر کٽي کي هارائي اليڪشن کٽي ورتي، جڏهن ته وارڊ نمبر چار تي پ پ پ جي حاجي حبيب الله ميمڻ 688 مخالف اميدوار حافظ محمد پرهياڙ کي هارائي وارڊ تي ڪاميابي ماڻي آهي.