لاڙڪاڻي لڳ هٿياربندن هٿان زخمي ڳوٺاڻو فوت، گهر ۾ ڪهرام

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي شهر ڀرسان ڪنگا ٿاڻي جي حد ميروخان روڊ لهر باءِ پاس واري علائقي ۾ هفتو اڳ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل 35 سالا سيد آصف علي شاهه ڪراچي جي اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو جنهن  جو مڙهه ايمبولينس جي ذريعي اباڻي ڳوٺ امام الدين شاهه آندو ويو جتي لاش گهر پهچڻ تي ماحول سوڳوار ٿي ويو جنهن کان پوءِ مقتول جي مڙهه جي تدفين اباڻي قبرستان ۾ ڪئي وئي. ان حوالي سان ڪنگا ٿاڻي جي پوليس رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته هفتو اڳ 7 جنوري تي سڱاوتي تڪرار تي هٿياربندن سيد آصف علي شاهه کي گوليون هڻي مرڻينگ ڪري ڇڏيو هو جيڪو ڪراچي جي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو جنهن واقعي جو ڪيس مقتول جي چاچي سيد ذوالفقار علي شاهه جي فرياد تي سبحان شاهه، ٺلو دستي سميت چئن جوابدارن مٿان داخل آهي. پوليس وڌيڪ ٻڌايو ته واقعي بعد جوابدار ڌر گهر خالي ڪري فرار ٿي ويا جن جي گرفتاريءَ لاءِ ڇاپن هنيا پيا وڃن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.