ڪي اين شاهه جي ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿي، غربت کان تنگ نوجوان جو آپگهات

خيرپورناٿن شاهه (رپورٽ : آزاد بخاري ) خيرپورناٿن شاهه ڳوٺ ماڻو خان گاڏهي ۾ غربت ۽ بيماري کان تنگ اچي نوجوان 22 ورهين جو گل حسن ولد گلزار گاڏهي ڳچي ۾ رومال وجهي ٽينٽ اندر پاڻ کي ڦاهو ڏئي زندگي جو انت آڻي ڇڏيو آهي، سندس والد پورهيت گلزار گاڏهي ٻڌايو ته منهنجو پٽ  گل حسن کي ٻه سال اڳ موٽر سائيڪل سوار ٽڪر هنيو جنهن جي ڪري ان جي ڄنگه ڀڄي پئي هئي اسان کي کي راڊون وجهرايون هيون جنهن بعد هو گهمي ڦري نه سگهندو هيو اڪثر بيمار رهندو هيو، مان گاڏو هلائي گهر جو گذر سفر ڪندو آهيان 2022 واري مها ٻوڏ  ۾ منهنجي پٽ گل حسن جي گهر واري بيماري سبب فوت ٿي وئي هئي اسان ٻوڏ ۾ ڏاڍا سور ڏٺا غربت سبب ننهن جو علاج ڪرائي نه سگهيا سين ڪنهن به مدد نه ڪئي گهر ڊهي پٽ ٿي ويا واپس موٺيا سين ته ٽينٽن ۾ زندگي گذاري رهيا هيا سين مان گڏه گاڏي تي زيتون ڪمند کپائي گذر سفر ڪندو آهيان زندگي ڏاڍي ڏکي گذري رهي آهي، هن چيو ته غربت سبب پٽ جو علاج نه ڪرائي سگهيا سين پٽ غربت بيماري جي ڪري اڄ ٽينٽ ۾ ڳچي ۾ رومال وجهي خودڪشي ڪري ڇڏي جڏهن ته فوتي جي امڙ ڀينرون ٻيا عزيز اوڇگارون ڏئي روئيندا رهيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.