گهوٽڪي لڳ پ پ ايم اين اي چانهه پارٽي ۾ شرڪت ڪئي

گهوٽڪي ( ڊ ر ) پ پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مھر  گهوٽڪي لڳ پ پ  اڳواڻ مير حمزه خان سندراڻي طرفان ڏنل چانھه جي دعوت ۾ شرڪت ڪئي , مختلف مسئلن تي ڳالهيون ڪيو  ان موقعي تي پ پ ايم اين اي سان حاجي زبردست خان مھر حاجي ڪرم خان مھر ۽ سيد عبدالله شاهه بخاري ساڻس گڏ هئا , جنهن بعد پ پ ايم اين اي سردار محمد بخش خان مهر يوسي قطب الدين شاھ، ڳوٺ فقير نظر محمد انڊڙ پهچي فقير نظر محمد انڍڙ جي وفات تي سندس پونئيرن سان تعزيت ڪئي، ان موقعي تي مرحوم فقير نظر محمد انڊڙ جي وڏي پٽ کي پڳ ٻڌائڻ جي رسم ادا ڪئي وئي جنهن کي پ ايم اين اي چيف سردار محمد بخش خان مھر ،ميان گنج بخش ۽ ٻين معززين پڳ کي ور ڏنا، ان موقعي تي حاجي زبردست خان مھر ،مير حمزه خان سندراڻي ،سيد عبدالله شاھ بخاري ۽ ٻيا ساڻس گڏ هئا.

  • سيوهڻ: ميونسپل ڪاميٽي جا سمورا 15 ئي وارڊ پيپلز پارٽي کٽي ورتا، ريليون

سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ)سيوھڻ ميونسپل ڪاميٽي جا سمورا 15 ئي وارڊ پيپلز پارٽي کٽي ورتا, خوشي ۾ ريليون ڪڍي جشن ملهايو, تفصيل موجب ميونسپل ڪاميٽي سيوھڻ  جي ٽوٽل 15 وارڊن تي پيپلز پارٽي جي اميدوارن مڪمل ڪاميابي حاصل ڪري چونڊن ۾ ڪلين سوئيپ ڪري ورتو آهي. ان حوالي سان غير رسمي ۽ غير حتمي طور مليل نتيجن موجب سيوھڻ ميونسپل جي وارڊ نمبر 5 تي پ پ جو اميدوار دلدار سولنگي 810 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جتي آزاد  اميدوار فياض سولنگي 183 ووٽ کڻي سگهيو. وارڊ نمبر 10 تي پ پ جو اميدوار اڪبر ڪٽوھڙ  612 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته سندس مقابلي ۾ بيٺل پي ٽي آئي اميدوار پرويز سولنگي 67 ووٽ کڻي سگهيو، سيوھڻ ميونسپل ڪميٽي وارڊ نمبر 8 تي پ پ اميدوار محمد عالم پرارو 407 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جتي پي ٽي آئي اميدوار امير بخش سيال 15 ووٽ کنيا. وارڊ نمبر 3 تي پ پ اميدوار گل محمد ڀٽي 593 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جتي مخالف آزاد اميدوار غلام محمد اوٺو  180ووٽ کڻي ھارائي ويو، وارڊ نمبر 6 تي پ پ جو غلام مصطفئ لاشاري 597 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو سندس مقابلي ۾ جي ڊي اي جي اميد وار غلام نبي سولنگي 47 ووٽ کڻي ھارائي ويو. وارڊ نمبر 1 تي پ پ اميدوار مرتضي سرور اوٺو 624 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو، جتي ايس يو پي اميدوار محمد نواز رند 224 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. وارڊ نمبر 2 تي پ پ اميدوار منظور احمد سومرو 772 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو جتي ايس يو پي اميدوار محمد خان سولنگي 306 ووٽ حاصل ڪري سگهيو. سيوھڻ جي وارڊ نمبر 3 تي پ پ پاران ميونسپل ڪميٽي جي چئرمين جي نامزد ڪيل اميدوار سيد شھزاد حيدر شاھ 593 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪري ورتي جڏهن ته سندس مخالف آزاد اميدوار مقبول اوٺو صرف 188 ووٽ کڻي ھارائي ويو. جڏھن ته پيپلز پارٽي جا ميونسپل ڪميٽي سيوھڻ تي ڪائونسلر جا 6 اميدوار اڳ ۾ ئي بنا مقابلي ڪاميابي ماڻي چڪا آھن جن ۾ وارڊ 15 تان محمد آچر کوسو، وارڊ 7 تان علي شير لاشاري، وارڊ نمبر 9 تان قربان ابڙو، وارڊ نمبر 12 تان فهيم سولنگي، وارڊ 13 تان وسيم احمد سولنگي ۽ وارڊ 14 تان رياض احمد سولنگي بنا مقابلي طور ڪامياب ٿيا آهن. جنهن بعد پيپلز پارٽي سيوھڻ شھر مان ڪاميابي حاصل ڪري ڪلين سوئيپ ڪري ورتو آھي. پيپلز پارٽي جي ڪاميابي جي خوشي ۾ پيپلزپارٽي ضلعي ڄامشوري جي صدر سيد آصف علي شاھ جي رھائشگاھ کان سندس اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي جشن ملهايو ويو ۽ قلندر لعل شھباز جي مزار تي دھلن شرناين سان چادر چاڙھي وئي ۽ حامين پاران اميدوارن کي گلن جا هار پارائي مبارڪون ڏنيون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.