سيوهڻ: يوسي باجارا ۾ پولنگ اسٽيشن تبديل ڪرڻ تي ايس يو پي پاران اليڪشن جو بائيڪاٽ

سيوھڻ(رپورٽ: خالد ميمڻ) سيوھڻ جي يوسي باجارا ۾ پولنگ اسٽيشنز تبديل ڪرڻ تي سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي چيئرمين جي اميدوار سيد شاهه محمد شاهه اليڪشن جو بائيڪاٽ ڪري ڇڏيو آهي ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ۽ ڊي آر او کان يوسي باجارا جا چونڊ نتيجن جو اعلان نه ڪرڻ ۽ اليڪشن لاءِ نئين تاريخ ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو  آهي، ان سلسلي ۾ ڄاڻايل پ پ مخالف اميدوار سيد شاهه محمد شاهه، سيد اسد الله شاهه، سيد امير علي شاهه ۽ ٻين سيوھڻ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي الزام لڳايو آهي ته مڪاني چونڊ ٿيڻ کان اڳ سنڌ جي وڏو وزير ۽ سندس ساٿين پاران پھرين اسان جي اميدوار جو فارم رد ڪرايو ويو جنهن بعد ھاڻ وري اوچتو مڪاني اليڪشن واري ڏينهن پولنگ اسٽيشن تبديل ڪري اسان جي پولنگ ايجنٽن کي حراسان ڪري ويھڻ نه ڏنو ويو، جنهن بابت اسان اھڙي شڪايت رٽرننگ آفيسر کي پڻ ڏني ۽ اھڙن خدشن بابت اليڪشن ڪميشن ۽ ڊي آر او ڄامشورو کي پڻ آگاھي ڏني پر افسوس ته ان جو ڪو به نوٽيس نه ورتو ويو، اسان چاهيون ٿا ته اليڪشن ڪميشن کي اليڪشن بجاءِ سليڪشن ڪرڻ گھرجي، ھنن چيو ته ھن صورتحال ۾ شفاف اليڪشن ناممڪن آهي ان ڪري اسان مجبور ٿي اڄ پريس ڪانفرنس ذريعي باجارا اندر مڪاني چونڊ کي مسترد ڪري احتجاجن بائيڪاٽ ڪيون پيا ۽ اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪيون ٿا ته يوسي باجارا جي چونڊ ڪينسل ڪري نئين چونڊ تاريخ جو اعلان ڪيو وڃي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.