ڪنري ڀرسان پورھيت ماکي جي مک ڏنگڻ سبب فوت

ڪنري (ت ر) ڪنري ڀرسان ڳوٺ ذوالفقار جلال خاصخيلي ۾ گھرن جي عمارت کي رنگ ڪندڙ پورھيت 45 ورھين جي جوارو مل ميگھواڙ  کي ماکي جي وڏي مک ڏنگ ھڻي زخمي ڪري ڇڏيو. پورھيت کي تعلقي اسپتال ڪنري نيو پئي ويو ته هن رستي ۾ دم ڏئي ڇڏيو. ڊاڪٽرن پاران سندس فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي. فوتي پورھيت ٻسٽان لڳ ڳوٺ لڌو مل ميگھواڙ جو رھواسي هو. سندس مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. وارثن جو چوڻ ھو ته پورھيت جوارو گھرن ۽ جڳھن کي رنگ ڪرڻ جو ماسٽر هو، جيڪو گذريل ڏينھن ڪم تي هو ته کيس اوچتو ماکي جي مک چڪ ھنيو ۽ هو فوت ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.