سکر لڳ ٽرڪ ۽ ڪوچ جي ٽڪر ۾ 2 اهلڪار فوت، 8 مسافر زخمي

سکر ( رپورٽ: آزاد مهر ) سکر شڪارپور روڊ مهر فارم وٽ ٽرڪ ۽ ڪوچ ۾ ٽڪر ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ايڪسائيز پوليس اهلڪار اڪبر چنو ۽ علي احمد شاهه ٿڏي تي دم ڏنو،  جڏهن ته 8 کان وڌيڪ مسافر زخمي ٿي  پيا آهن، جن کي علاج لاءِ شڪارپور اسپتال اماڻيو ويو آهي، ٻئي ايڪسائيز پوليس اهلڪار ڪراچي کان ڊيوٽي ڪري شڪارپور پنهنجي ڳوٺ وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو، واقعي بعد فوتين جي لاشن کي اباڻي ڳوٺ اماڻيو ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.