يوسي غلام الله ۾ پيپلز پارٽي اميدوار ڪامياب ٿي ويا

غلام الله (رپورٽ: پيرل پياسي) يوسي غلام الله ۾ ٿيل مڪاني اليڪشن ۾ غير سرڪاري نتيجن مطابق پيپلز پارٽي اميدوار ڪامياب ٿي  ويا آهن، ضلعي ڪائونسل جي سيٽ پيپلز پارٽي طرفان نامزد ٿيل اميدوار ذڪريا بلوچ 2042 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي ۽ سندس سامھون بيٺل آزاد اميدوار سيد اياز علي شاھ بخاري 1360ووٽ کنيا آهن پيپلز پارٽي طرفان چيئرمين سيٽ تي بيٺل اميدوار بابو عبدالعزيز ناھيو 2800 ووٽ کڻي ڪامياب ٿي ويو آهي سندس سامھون بيٺل آزاد اميدوار قادر بخش ميمڻ صرف 705 ووٽ کنيا آهن، جڏھن ته غلام الله جي وارڊ نمبر هڪ ۽ 2 تي بيٺل پيپلز پارٽي طرفان جنرل ڪائونسلر جي اميدوار الياس خاصخيلي 879 ووٽ کڻي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي، سندس سامھون بيٺل آزاد اميدوار محمد علي رند صرف 469 ووٽ کنيا آهن. ھوڏانھن غيرسرڪاري نتيجن مطابق ھارايل ضلعي ڪائونسل جي آزاد اميدوار سيد اياز علي شاھه بخاري نتيجن مڃڻ کان انڪار ڪندي چيو ته پيپلز پارٽي اميدوارن وڏي ڌانڌلي ڪئي آهي ديھه ناھيڪي سميت مختلف پولنگن تي ھٿرادو ٺپا هڻائي جعلي ووٽ وڌا ويا، اسان انھن نتيجن کي نٿا مڃون. چيف اليڪشن ڪميشن کان مطالبو آهي ته ته نوٽيس وٺي انھن نتيجن کي روڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ عدالت سان رجوع ڪنداسين. ھوڏانھن پولنگن دوران ڪوبه اڻوڻندڙ واقعو پيش نه آيو ۽ سيڪيورٽي جا انتظام سخت رھيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.