ڪولاب جيئل ڀرسان سئوٽن هٿان قتل ٿيل راڳي جي زال جي تدفين

ڪولاب جيئل (ن ع آ) ڪولاب جيئل لڳ ٽنڊومستي ۾ هڪ ڏينهن اڳ سئوٽن هٿان بيدردي سان گوليون ۽ چاڪن جا وار ڪري  قتل ڪيل  راڳي منصور مولائي جي زال جي جنازه نماز بعد سوين آلين اکين  سان سندس اباڻي قبرستان اندر هٿيارن جي ڇانو هيٺ مڙھ کي مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ٽنڊومستي ۾ هڪ ڏينهن اڳ سئوٽن هٿان بيدرديءَ سان قتل ڪيل راڳي منصور مولائي بليدي جي نوجوان  ڳورهاري زال زاهده مري جي مڙه کي جنازه نماز بعد سوين آلن اکين سان هٿيارن جي ڇانو هيٺ سندس جي اباڻي قبرستان درگاهه سخي اندر مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد مقتوله نوجوان ناري جي مڙس جي فرياد تي ناري جي ٻن سئوٽن مصري مري، منظور مري سميت ٽن اڻسڃاتل جوابدارن خلاف ٽنڊومستي ٿاڻي تي گناھ نمبر 5 قلم 302_148_149 تحت  ڪيس داخل ڪرايو ويو ، ان موقعي تي مقتوله ناري جي مڙس راڳي منصور مولائي بليدي ۽ سندس بليدي قبيلي جي چيف سردار امين الله بليدي ۽ ٻين صحافين سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته ظالمن نوجوان ناري کي بي گناھ بي دردي سان پسٽل جا فائر ۽ چاڪن جا وار ڪري قتل ڪيو آهي جنهن سبب مقتوله زاھدان مري جيڪا پيٽ سان هئي جنهن سان گڏ ان جي پيٽ اندر ٻارڙي جو به قتل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رشتو ٻنهين قبيلن جي خاندانن جي راضپي هيٺ سندس جي وارثن جي موجودگي ۾ رشتو طئي ٿيڻ بعد شريعت محمدي مطابق نڪاح ڪري رخصتي ڪئي وئي هئي تنهن باوجود ظالمن بيڏوهي ناري جو قتل ڪري وڏو ظلم ڪيو ويو آهي ۽ اسان سان ناانصافي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.