ڏهرڪي ( ن ع آ) ڏھرڪي ويجھو ڪوڀر ريلوي اسٽيشن وٽ ٽرين جي پٽڙي ٽٽل ھئڻ ڪري ٽرين حادثي کان بچي وئي پيٽرولنگ جي ٽيم پٽڙي ٽٽل ڏسي ٽرين کي ھڪ ڪلوميٽر جي مفاصلي تي روڪي ورتو ، پيٽرولنگ ٽيم موجب پيٽرولنگ ڪري رهيا هئا سين ته پٽڙي ٽٽل ڏسي ٽرين کي روڪي مرمتي ڪم شروع ڪيو مرمتي ڪم کان پوءِ ٽرين کي پنھنجي منزل طرف روانو ڪيو ويوانتظاميه جو چوڻ آهي سردي جي ڪري جوائيند ٽٽي پئي پيٽرولنگ جي ٽيم وقت سر پھچي ٽرين کي ھڪ وڏي حادثي کان بچائي ورتو.