خيرپور ۾ مهانگائي ۽ اٽي جي اگهن ۾ واڌ خلاف هيومن رائٽس جي ريلي

خيرپور(ڊ ر)هيومن رائٽس جسٽس اينڊ ڊيفينڊر آرگنائيزيشن طرفان سنڌ ۾ هٿرادو مهانگائي ۽ اٽي جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ خلاف جادو  شاھ موڙ کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب خيرپور آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو آهي مظاهرين سنڌ حڪومت خلاف سخت نعريبازي ڪئي احتجاج جي اڳواڻي مير خان پٺاڻ، امجد لاشاري، سيد امتياز شاھ، عارب کوسو، امداد خميساڻي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن ٻڌايو ته موجوده حڪومت اٽي جي کوٽ سميت کائڻ پيئڻ جي شين جي اگهن ۾ واڌ ڪري غريب مسڪين ۽ مزدور طبقي جي ماڻهن کي خودڪشي ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو آهي ۽ حڪومت پئٽرول گئس بجلي سميت ٻين ضرورت جي شين جي اگهن ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪئي آهي ته ٻئي طرف عوام کي بيروزگار ڪري ڇڏيو آهي جنهن سبب عوام سخت پريشانن ۾ مبتلا ٿي ويو آهي حڪومت کي گهرجي تي عام واهپي جي شين جا اگھ گهٽائي عوام کي روزگار فراهم ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪري عوام کي خودڪشيون ڪرڻ کان بچايو وڃي ٻئي صورت عوام سراپا احتجاج هوندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.