حيدرآباد ۾بدامني، چوريون ڦرون معمول، شهرين جو احتجاج

حيدرآباد(پ۔ر) نيو وحدت ڪالوني ايڪشن ڪميٽي حيدرآباد جي چئيرمين شاهد سومرو ۽ ٻين نيو وحدت ڪالوني۔پيون ڪالوني سميت  ٻين علائقن اندر روز به روز وڌندڙ چورين ۽ داڙن جي واردتن جي اضافي تي سخت احتجاج ڪندي بيان ۾ چيو آهي ته قاسم آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع نيو وحدت ڪالوني جي سرڪاري ڪواٽرن اندر چورين، داڙن،  موٽر سائيڪل ۽ ڪارن جي چوري جو آزار تمام وڌي ويو آهي۔ ڪجھ ڏيهين اڳ نيو وحدت ڪالوني جي راهواسي بورڊآف روينيو جي ملازم  محمد اشرف وگهيو جي ڪواٽر اندر گهڙي چئن هٿياربندن عورتن کي هڪ ڪمري ۾ يرغمال بڻائي لکين روپين ڦري فرار ٿي ويا جڏهن ته ڪالوني جي مک گيٽ ڀرسان ڪواٽر باهر بيٺل بائيڪ چوري ڪري ويا آهن۔انهي کان۽ اڳ نيو وحدت ڪالوني اندر ڪئي دفعا چوريون ۽ موٽر سائيڪلون چوري ٿينديون رهيون آهن پر قاسم آباد پوليس ڏوهارين کي گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي ٿي جڏهن ته ڪينٽ تاڻي جي حد  شهباز بلڊنگ ڀرسان پيون ڪالوني جي ڪواٽر اندر پڻ چورين جي وارداتون معمول بڻجي ويون آهن اسين مطالبو ٿاڪريون آئي جي پوليس سنده، ڊي، آئي جي پوليس حيدرآباد ريجن۽ ايس، ايس، پي حيدرآباد کان ته سرڪاري ڪالونين اندر روزانه ٿيندڙ چورين ۽ڦرنجي واردتن کي بند ڪرائڻ لا۽ نوٽيس وڻن پوليس گشت ۾ اضافو ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.