کپرو شهر ۾ بدامني وڌي وئي، ڪيبنن مان چوري، احتجاج

کپرو(ن ع آ ) کپرو ۾ سيارو جو سيء وڌندي ئي شھر ۾ بدامني وڌي ويئي شھر جي مختلف علائقن ۾ چورين جو آزار وڌي ويو نامعلوم چورن هڪ ئي رات ۾ 4 ڪيبينن جا تالا ٽوڙي لکين روپين جي ماليت جو سامان چوري ڪري  ويا رات دير سان کپرو ٿاڻي  جي ويجهو سونا شيخ جي ڪيبن جا تالا ٽوڙي سامان چوري ڪري ويا شاهي بازار جي برف گلي ۾ رات دير سان واڌو ميگهواڙ جي ڪيبن جا تالا ٽوڙي هزارين روپين جي ماليت جو سامان چوري ڪري ويا ۽ سلائي ڪيل 5 جوڙا ڪپڙن جا به کڻي ويا جڏھن ته سيونجهي روڊ , سانگهڙ روڊ تي به ڪيبنن جا تالا ٽوڙي سامان ٻھاري ويا جڏھن ته چوڪيدار به ستل رهيا کپرو پوليس چورين جي روڪٿام لاء ڪوبه قدم ناهي کنيو آئي ڏينهن چورين سبب ڪاروباري طبقي ۾ وڏي بي چيني پکڙيل پوليس چوري کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام نظر آئي ٻئي طرف کپرو ويجهو ڍليار پوليس پوسٽ ويجهو ڳوٺ ميهلاڻي جي ڳوٺ ڪرم خان هنڱورجو  ۾ رات دير سان نامعلوم چورن ڀاڳئي مير هنڱورجو جون 4 ٻڪريون چوري ڪري ويا ٻئي طرف کپرو جي شھرين موجب اسان رات پوليس کي اطلاع ڪيو مگر ڪابه ڪاروائي نه ٿي لڳي ٿو پوليس چورن اڳيان بي وس آھي شھرين چيو ته ٻن ڏينهن ۾ کپرو پوليس چورن کي گرفتار نه ڪيو ته اسان ڪاروباري طبقي وارا سڀ پوليس خلاف احتجاج به ڪنداسين ۽ هڙتال جي ڪال به ڏينداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.