ڏوڪري ۾جسقم ڪارڪنن جي آزادي لاءِ بک هڙتال

ڏوڪري (ن ع آ) ڏوڪري ۾ جسقم اڳواڻ رڪ سنڌي، امتياز کونهارو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائون هال ڏوڪري  ۾ ٻن ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتال ڪئي آهي ان موقعي هنن جو چوڻ آهي ته جسقم لاڙڪاڻو ضلعي صدر عزيز الرحمٰن شيخ، جساف جي مرڪزي صدر اشرف ڪلهوڙو ۽ طارق ڪورائي ۽ ٻين قومي اڳواڻن کي بي گناهه گرفتار ڪيو ويو آهي هنن مطالبو ڪيو آهي ته کين آزاد ڪيو وڃي هنن وڌيڪ چيو ته رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي موقعي تي تياريون هلندڙ آهن ڪجهه عناصر سالگرهه واري تقريب ۾ رڪاوٽون پيدا ڪري رهيا آهن پر اسان انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سائين جن سالگرهه ڀرپور نموني سان ملهائي ويندي سنڌ ۽ سيد سان جا عاشق هزارن جي تعداد ۾ سن پهچي سالگرهه تقريب ۾ شرڪت ڪندا.

  • خيرپور ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي، هڪ ڄڻو زخمي

خيرپور(ڊ ر) خيرپور ڀرسان ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿي پئي، ٽريڪٽر ٽرالي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ ڊرائيور  خير محمد شيخ شديد  زخمي ٿي پيو، زخمي کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ سول اسپتال خيرپور جي ايمرجنسي وارڊ منتقل ڪيو ويو، ڊاڪٽر سندس حياتي بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ڊاڪٽرن موجب زخمي جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

  • خيرپور ۾ سرڪاري وڻن جي سرعام واڍي جاري

خيرپور (ڊ ر)خيرپور ۾ سرڪاري وڻن جي سرعام واڍي جاري آهي. سينٽرل جيل خيرپور روڊ  سان بااثرن پاران ڏينهن ڏٺي جو بنا ڪنهن رنڊڪ جي وڻ وڍيا پيا وڃ، شهرين پاران پڇڻ تي هنن جو چوڻ آهي ته هو اڳوڻي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه جا ڪمدار ۽ ماڻهو آهن. اطلاع باوجود پوليس يا ٻيو ڪو سرڪاري عملدار نه پهتو آهي.

  • دڙي ۾ مڪاني چونڊون،  3 وارڊن تي پپيلز پارٽي ڪامياب، خوشي ۾ ريلي

دڙو (رپورٽ: منٺار ٺاراڻي) دڙي ۾ ٽائون ڪميٽي جي 3 وارڊن تي مڪاني چونڊن ۾ غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي جا  اميدوار ڪامياب ٿي ويا آهن، وارڊ هڪ تي پ پ اميدوار اڪبر عيساڻي ميمڻ اڳ ۾ ئي بنا مقابلي ڪامياب ٿي چڪو آهي، جڏهن ته وارڊ 2 تي آزاد اميدوار خان محمد ڪانڌڙو پ پ اميدوار ارباب ذڪريا ميمڻ کي شڪست ڏئي ڪاميابي ماڻي ورتي آهي. وارڊ 3 تي پ پ جو اياز حسين سومرو، وارڊ 4 تي پ پ جو ارباب نجيب ﷲ ميمڻ ۽ وارڊ 5 تي پ پ اميدوار سيد جي ايم شاھه ڪامياب قرار ڏنا ويا آهن. هوڏانهن پيپلز پارٽي اميدوارن جي ڪاميابي جي خوشي ۾ ڪارڪنن ۽ شهرين پاران پيپلز پارٽي جي اڳوڻي ضلعي صدر ارباب وزير ميمڻ جي اڳواڻي ۾ ارباب هائوس کان پڃاري پل چوڪ تي ريلي ڪڍي جهمريون هنيون ويون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.