جساف اڳواڻ اشرف ڪلهوڙو مبينا کنڀي گم، مظهر مغل ۽ ٻيا لاڪپ، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس گذريل آچر رات دير سان جسقم جي ضلعي صدر عزيز الرحمٰن شيخ، جساف جي ضلعي صدر طارق ڪورائي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ضلعي صدر مظهر مغل کي مبينا گرفتار ڪري  مارڪيٽ ٿاڻي تي لاڪپ ڪري ڇڏيو جڏهن ته جساف جي مرڪزي اڳواڻ اشرف ڪلهوڙو کي وليد پوليس مبينا کنڀي گم ڪري ڇڏيو. اهڙي عمل خلاف جيئي سنڌ قومي محاذ طرفان پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي جسقم جي مرڪزي اڳواڻ اطهر سومرو، فراز کهاوڙ، عامر کهاوڙ، دودو سومرو، زوهيب سومرو ۽ ٻين چيو ته لاڙڪاڻي جي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس گذريل رات دير سان جسقم ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر عزيز الرحمٰن شيخ، جساف جي ضلعي صدر طارق ڪورائي ۽ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي ضلعي صدر مظهر مغل کي ڌوڪي سان ٿاڻي تي گهرائي کين گرفتار ڪري لاڪپ ۾ قيد ڪري ڇڏيو آهي جڏهن ته وليد ٿاڻي جي پوليس جساف جي مرڪزي اڳواڻ اشرف ڪلهوڙو کي لب مهراڻ هوٽل وٽان کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي جنهن جو ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هنن چيو ته اسان پوليس جي اهڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، افسوس آهي جو ڏوهاري سرعام گهمي رهيا آهن پر انهن کي پوليس گرفتار نه پئي ڪري ۽ جيڪي قومي ڪارڪن عدم تشدد جي واٽ تي هلندي پنهنجي ماروئڙن جي حقن جي ڳالهه ڪري پرامن جدوجهد ڪري رهيا آهن انهن کي اٽي جي کوٽ، مهانگائي ۽ بدامني خلاف احتجاج ڪرڻ تي گرفتار ڪرڻ سان گڏ روڊن تان کنڀي گم ڪيو ٿو وڃي. هنن چيو ته اهڙي قسم جون ڪاروائيون ڪري پرامن ماحول کي خراب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جسقم پاران سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جي حوالي سان تياريون جاري آهن ان دوران پوليس جون اهڙيون ڪاروائيون اسان جي آواز کي دٻائي ۽ جهڪائي نه ٿيون سگهن. هنن مطالبو ڪيو ته گرفتار ۽ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو وڃي ٻي صورت احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي مارڪيٽ ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته جسقم جي اڳواڻن کي سائين جي ايم سيد جي سالگرهه جون سرگرميون ڪرڻ تي گرفتار ڪيو ويو آهي جن مٿان في الحال ڪو به ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو جن کان جاچ هلندڙ آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.