جسقم اڳواڻن جي گرفتارين خلاف ڪنڌڪوٽ ۾احتجاج

ڪنڌڪوٽ( رپورٽ ممتازسنڌي) رهبر سنڌ مفڪر اعظم محترم سائين جي۔ايم سيد جي 119 سالگراھ کي ناڪام بنائڻ لاءِ رياستي ادارن ۽ پوليس طرفان سنڌ جي مختلف شهرن مان گرفتار ڪيل قومي ڪارڪنن قومي اڳواڻن جي آزادي لا۽  احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ان موقعي تي جساف اڳواڻ هزار خان بشام سنڌي ابراهيم  شاهد شاھ ميڍيا سان ڳالهائيندي چيو ته سائين جي۔ايم سيد جي سالگراھ ويجهو ايندي ئي لاڙڪاڻي گهوٽڪي مان قومي ڪارڪنن جي گهرن تي چڙهايون ڪري هراسمينٽ ڪري چادر ۽ چوديواري جو تقدص پائمال ڪرڻ غير اخلاقي غير آئيني عمل آهي، جساف مرڪزي اڳواڻ ڀائو اشرف ڪلهوڙو عزيز  شيخ طارق ڪورائي جسقم گهوٽڪي اڳواڻ رمضان ڪلوڙ رشيد سنڌي جي گهرن تي چڙهائي مزمت جوڳو عمل آ، جنهنجي جيتري مزمت ڪجي گهٽ آ، سموري سنڌ مان کنڀيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي 24 ڪلاڪن اندر آزاد نه ڪيو ويو ته پنجاب ويندڙ رستا بند ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.