سنڌ مان ڪيترائي جسقم ڪارڪن گرفتار ڪيا ويا آهن: صنعان قريشي

حيدرآباد (پ ر ) جيئي سنڌ قومي محاذ جي مرڪزي انفارميشن سيڪريٽري ديدار شام جسقم مرڪزي پڌرائي م ڄاڻايو آهي ته جسقم  چيئرمين صنعان خان قريشي ،امجد خان مهيسر،ڊاڪٽر غلام سرور خشڪ،مومن سمون،ديدار شام ،ڏاڏو اطهر سومرو چيو آهي ته سرڪار لاءِ رھبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ به وڏو مسئلو ٿي وئي آهي، جنهن کي روڪڻ لاءِ سنڌ مان جسقم ڪارڪن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، لاڙڪاڻي مان جساف مرڪزي چيف آرگنائيزر  اشرف ڪلھوڙو، لاڙڪاڻي ضلعي چيف آرگنائزر عزيز شيخ، جساف اڳواڻ طارق ڪورائي،راشد  ڪلوڙ کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته رمضان ڪلوڙ ۽ ٻين ڪارڪنن جي گهرن مٿان چڙهايون ڪيون ويون آهن، جيڪو عمل مذمت جوڳو آهي، جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي ۽ ٻين مرڪزي اڳواڻن چيو آهي ته سائين جي ايم سيد، اتحاد امن عالم انسانيت جي ڀائيچاري جو پيغام ڏيندڙ، عدم تشدد جو پرچارڪ ۽ هن ملڪ جو فائونڊر آهي، دهشتگرد ناهي جو 17 جنوري تي سن ۾ ٿيندڙ سندس 119هين سالگرھ کي روڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته گرفتار جسقم ڪارڪن کي آزاد ڪيو وڃي، جڏهن ته مرڪزي پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 17 جنوري تي رهبر سنڌ سائين جي ايم سيد جي سالگرھ جو جلسو سن ۾ ڀرپور قومي جذبي سان ڪيو ويندو، جنهن ۾ سنڌي قوم کي شرڪت جي اپيل ڪيان ٿو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.