کپرو ۾ ڊي ايس پي آفيس ڀرسان ٻوڏ جي پاڻي مان لاش هٿ

کپرو(رپورٽ اسلم بوزدار) کپرو شھر جي وارڊ نمبر 9 جي رهائشي جي لاش ڊي ايس پي کپرو آفيس جي ويجهو برساتي پاڻي ۾ هٿ اطلاع تي کپرو  پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي کپرو تعلقه اسپتال آندو لاش جي سڃاڻپ منور لانگهاڻي طور ٿي آهي محلي وارن ٻڌايو ته مقتول رات دير سان ضروري حاجت لاء اٿيو  نوجوان جي صبح جو سوير اٿندي چمپل برساتي پاڻي ۾ تري پئي محلي وارن جي اطلاع تي ٽوٻو ملاح گهرائي لاش کي پاڻي مان ڪڍرايو محلي وارن موجب نوجوان جي لاش کي رات جو  شھر جي ڪتن گوشت کاڌو ٻئي طرف کپرو تعلقه اسپتال ۾ ضروري ڪاروائي بعد مڙھ وارثن حوالي ڪري ڇڏيو نوجوان جو مڙھ گهر پهچڻ تي روڄ راڙو مچي ويو جڏھن ته مقتول جي گهر ۾ مرحوم جي چاچي جي ڇوڪري جي شادي هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.