دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جي صورتحال

اسلام آباد (م ڊ) واپڊا دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. آچر ڏينهن جاري انگن اکرن مطابق  سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 17 هزار 200 يوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 8 هزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهرو وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 11 هزار  200 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 11 هزار 200 ڪيوسڪ، خيبر آباد پل تي پاڻي جي آمد 17 هزار 800 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 17 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 8 هزار 700 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 100 ڪيوسڪ، چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 6 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 6 هزار 500 ڪيوسڪ آهي.  تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1398 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1497.64 فوٽ ۽ ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1550 فوٽ، استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 3.084 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. منگلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1050 ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1122.25 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.848 ملين ايڪڙ فوٽ آهي. چشمه بيراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ بيراج ۾ پاڻي جي موجوده سطح 642.60 فوٽ بيراج ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتهائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.070 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.

  • پاڪ چين دوستي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ لاءِ فنڪار اڳتي اچن: عاصمه اسماعيل بٽ

اسلام آباد (اي پي پي)آل پاڪستان چائينز اوورسيز يوٿ فيڊريشن جي صدر عاصمه اسماعيل بٽ چيو آهي ته چين اسان جو  دوست ملڪ آهي، مشڪل جي هر گهڙي ۾ ٻنهي ملڪن هڪٻئي جو ساٿ ڏنو، نوجوان نسل قوم جو سرمايو آهن، پاڪ چين دوستي کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ ۾ نوجوان نسل ۽ فنڪارن کي اهم ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن راولپنڊي آرٽس ڪائونسل ۾ منعقد ميوزيڪل نائيٽ جي تقريب دوران ڪيو. ال پاڪستان چائنز اوورسيز يوٿ فيڊريشن جي صدر عاصمه اسماعيل بٽ جي نگراني ۾ نئين سال جي خوشي ۽ پاڪچين دوستي جو مثال قائم ڪندي يوٿ جي نمائندگي ڪندڙ فنڪارن لاءِ راولپنڊي آرٽس ڪائونسل ۾ هڪ ميوزيڪل نائيٽ جو اهتمام ڪيو ويو. هي آل پاڪستان چائينز اوورسيز يوٿ فيڊريشن جي پليٽ فارم تان نوجوان گلوڪارن جي فن کي فروغ لاءِ پهريون پروگرام هو جنهن تي نوجوان گلوڪارن صدر فيڊريشن عاصمه اسماعيل بٽ جي ڪوششن کي ساراهيو.

  • ڊي اي پي ڀاڻ جو هڪ ٻيو جهاز گوادر بندرگاهه پهچي ويو

اسلام آباد (اي پي پي)چين – پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) تحت آپريٽ  ٿيندڙ گوادر بندرگاهه کي افغانستان پاڪستان ٽرانزٽ ٽريڊ ايگريمينٽ تحت تقريبن 28000 ميٽرڪ ٽن سان ڀريل ڊي اي پي ڀاڻ جو ٻيو وڏو جهاز ملي ويو آهي، منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت جي عملدارن اي پي پي کي ٻڌايو ته بندرگاهه تي آيل ڊي اي پي ڀاڻ چمن ۽ طورخم رستي منتقل ڪيو ويندو، هن وڌيڪ ٻڌايو ته شهر ۾ پورو ايسٽ بي ايڪسپريس وي گوادر پورٽ وڃڻ جي منتظر ٽرڪن سان ڀريل آهي. بندرگاهه وڌيڪ ڪارگوز جي سرڪاري امپورٽ به حاصل ڪرڻ شروع ڪري ڇڏي آهي ڇاڪاڻ ته 90 هزار ميٽرڪ ٽن يوريا کڻي آيل لڳاتار ٽي جهاز پهرين ئي بندرگاهه تي پهچي چڪا آهن ۽ سڀ کان تيز ترسيل جو عمل يقيني بڻايو ويو آهي، هن چيو ته سامونڊي معاملن واري وزارت، چين – پاڪستان اقتصادي راهداري (سي پيڪ) اٿارٽي، گوادر پورٽ اٿارٽي (جي پي اي) ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (ٽي سي اي) ۽ پاڪستان ڪسٽمز جي ڪوششن سان اهو ممڪن ٿيو. هي بلڪ ڪارگوز کي ڊسچارج ڪيو ويو ۽ بندرگاهه تي بيڪنگ کانپوءِ گوادر کان پاڪستان جي ٻين هنڌن تي موڪليو ويندو، ايندڙ مهيني گوادر پورٽ ٽي سي پي ساڍا 4 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي هينڊلنگ شروع ڪري ڇڏيندي، حڪومت طرفان ٽي سي پي گوادر پورٽ جي ذريعي يوريا ۽ ڪڻڪ جي امپورٽ کي هينڊل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گوادر بندرگاهه ۽ فري زون عالمي واپار جو مرڪز بڻجڻ لاءِ تيار آهن جنهن سان ملڪ کي ويجهي مستقبل ۾ انتهائي ضروري مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائڻ ۾ مدد ملندي، جيڪا وزيراعظم شهباز شريف جي علائقائي اقتصادي انضمام کي فروغ ڏيڻ جي ويزن موجب آهي، گوادر پورٽ تي ڪڻڪ ۽ يوريا جي امپورٽ جو هڪ وڏو حصو گوادر ۽ سي پيڪ هاءِ ويز ٻنهي ۾ ڪم ڪرڻ ۽ ڪاروباري موقعا پيدا ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو، جيڪو بلوچستان جي ترقي لاءِ گهڻو ضروري آهي.

  • والاريل ڄمون ڪشمير: بڊگام ۾ ڀارتي فوج جو سرچ آپريشن

سرينگر  (م ڊ) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير ۾ ڀارتي فوج گذريل ڏينهن بڊگام ضلعي ۾ سرچ آپريشن واريون  ڪارروائيون ڪيون، ميڊيا رپورٽن مطابق ضلعي جي ريڊ بگ ماگام واري علائقي ۾ سرچ آپريشن شروع ڪيو جنهن دوران ڀارتي فوج علائقي ۾ فائرنگ پڻ ڪئي. مقامي ماڻهن ٻڌايو ته علائقي جا اچ وڃ وارا رستا بند ڪيا ويا آهن ۽ علائقي ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو سلسلو جاري آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.