ٺارو شاهه اسڪول ۾ وڻن جي واڍي خلاف شهرين جوا حتجاج

ٺاروشاھ  (ن ع آ) گرلس ھاءِ اسڪول ٺاروشاھ جي ھيڊ ماستر ۽ ڪلارڪ ملي ڀگت ڪري اسڪول جا قيمتي وڻ وڍرائي ڪاٺ ڀڳڙن جي مٺ  تي کپائي ڇڏيو، ريڪارڊ ۾ رکڻ لاءِ ڪجهه ڪاٺ رکي ڇڏيو اسڪول انتظاميا جي اھڙي ڪڌي عمل تي شھرين، سماجي اڳواڻن محمد علي اڄڻ، اعجاز قريشي، نور محمد راجپوت، نيشنل پريس ڪلب تي پھچي احتجاج ڪيو، هنن صحافين کي چيو ته گرلس اسڪول انتظاميا ملي ڀگت ڪري قيمتي وڻ وڍرايا آھن جيڪو ھڪ وڏو غير قانوني عمل آھي جڏھن ته وڻن جو ڪاٺ ڀڳڙن جي مٺ تي وڪرو ڪيو آھي جڏھن ته ريڪارڊ ۾ ڏيکارڻ لاء ڪجهه ڪاٺ اسڪول ۾ رکي ڇڏيو آھي ھنن ڊي سي نوشھروفيروز ۽ ڊسٽرڪٽ آفيسر ايجوڪيشن کان مطالبو ڪيو ته فوري طور تي اسڪول انتظاميا خلاف ڪارروائي  ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.