ھڱورجا: سڄاڻ ڌرين پاران ڊجيٽل آدمشماري خلاف احتجاج جو اعلان

هڱورجا (ن ع آ) ھڱورجا جي سڄاڻ ڌرين ڊجيٽل آدمشماري خلاف احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو.ھڱورجا پريس ڪلب تي مختلف تنظيمن  جو گڏيل اجلاس ٿي گذريو جنهن ۾ سنڌي ادبي سنگت جي ڄام محبت علي سھتو, سنڌ ڪلچرل ايسوسيئيشن جي محمد مٺل تنيو,ھنڱورجا يوٿ فورم جي صدر جميل علي ڀٽو, سنڌ ترقي پسند پارٽي جي ڄام مھدي رضا سھتو، سينيئر صحافي فرمان سھتو، عابد حسين سولنگي، ڄام محبوب علي، فرحان علي سھتو ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ڊجيٽل آدم شماري کي سنڌ ۾ ڌارين کي آباد ڪرڻ جي سازش قرار ڏنو ويو.ھنن جو چوڻ ھو ته سنڌ اندر اڳ ئي ڌاريا وڏي تعداد ۾ آباد آهن ۽ کين شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائيل پڻ جاري ڪيا ويا آهن اعلانيل آدمشماري ڌارين لاءِ وڌيڪ دروازا کولڻ جو سبب بڻجندي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.