لاڙڪاڻي ۾ هاف فراٰءِ ڪيل نوجوان جي وارثن جو احتجاجي مظاهرو

لاڙڪاڻو(ڊ ر) رتوديرو پوليس هٿان چار ڏينهن اڳ مبينا مقابلي ۾ زخمي ٿيل باڊهه جي ڳوٺ انب پور واسي ٽن ٻارن جي پورهيت پيءُ عبدالرحيم جهتيال جي وارثن باڊهه ۽ رتوديرو پوليس خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي هنن سخت نعريبازي پڻ ڪئي. ان موقعي تي پورهيت جي پيرسن پيءُ برڪت علي جهتيال پنهنجي گهر واري زرينه، ننهن ريحانه، پٽ مختيار علي جهتيال ۽ ٻين مائٽن سان گڏجي دانهيندي الزام لڳايو ته منهنجي پٽ عبدالرحيم جهتيال مٿان ڪنهن به ٿاڻي تي ڪو به ڪيس داخل ناهي پر ان جي باوجود گذريل 2 جنوري تي ايس ايڇ او باڊهه گلزار ٻرڙو پٽ کي بيگناهه گرفتار ڪري گم ڪرڻ بعد سندس آزاديءَ لاءِ 2 لک روپيه رشوت گهري جيڪي پئسا نه ڏيڻ تي هن پٽ کي رتوديرو پوليس حوالي ڪري ڇڏيو جنهن کي رتوديرو پوليس 12 جنوري تي ڪوڙي مقابلي ۾ هاف فراءِ ڪري ان مٿان باڊهه، باقراڻي، سيهڙ ۽ رتوديرو ٿاڻن تي پنج مختلف ڪيس ظاهر ڪري وڏي زيادتي ڪئي آهي جنهن جو هن وقت تائين ڪو به ڏس پتو نه پئجي سگهيو آهي. هن چيو ته منهنجو پٽ عبدالرحيم جهتيال باڊهه شهر ۾ ڏهاڙي تي چنگچي هلائي پنهنجي گهر ڀاتين جو پيٽ گذر ڪندو آهي. هن مطالبو ڪيو پورهيت مٿان داخل ڪوڙا ڪيس ختم ڪري کيس آزاد ڪري باڊهه ۽ رتوديرو پوليس خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.