ڏوڪري لڳ نوجوان چئن سالن کان گم، وارث روئي روئي بيحال

ڏوڪري (ن ع آ)  ڏوڪري ڀرسان سيهڙ ٿاڻي جي حد ڳوٺ خير محمد جهتيال واسي 25 سالن جو نوجوان صدام حسين جهتيال 4 سالن کان  گم ٿي ويو آھي،جڏھن ته گهڻي ڳولا ڪرڻ باوجود ڪو ڏس پتو نه پئجي سگهيو آھي،جڏھن ته امڙ کي مسلسل بيهوشي جا دورا پوڻ لڳا آھن،هوڏانهن گم ٿيل نوجوان جو ڀاء احسان علي جهتيال ميڊيا کي ٻڌايو ته منهنجو ڀاء جو ذھني توازن درست نه هيو،چار سال گذري ويا آھن ڀاء گهران نڪري ويو آھي،هن چيو ته گهڻي ڳولا ڪرڻ باوجود ڀاء جو ڪو ڏس پتو پئجي نه سگهيو آھي،هن چيو ته پوليس به ڀاءُ جي ڳولا ۾ اسان جي مدد نٿي ڪري،هن چيو ته منهنجي امڙ پٽ جي صدمي ۾ مسلسل بيمار رهي ٿي ۽ هو گهڻو پريشان رهي ٿي،هن چيو ته وس وارا ڀاءٌ جي ڳولا ۾ مدد ڪن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.