جهول ۾ مهانگائي چوٽ چڙهيل،غريب بکن ۾ پاهه، حڪومت جو علامتي جنازو ڪڍي احتجاج

جهول( رپورٽ غلام نبي ملوڪائي )جهول شهر ۾ انساني حقن لاءِ جاکو ڙيندڙ۽ سماجي اڳواڻن   اٽي گيھ  روز مرہ جي عام واهپي جي شين  جي اگهن ۾ واڌ خلاف پنهنجو پاڻ کي ڪفن ويڙهي حڪومت جو  علامتي جنازو ڪڍيو  سنڌ حڪومت خلاف انوکو احتجاج ڪري حڪمرانن جو  علامتي جنازو ڪڍي  اٽي جي هٿرادو کوٽ خلاف ضلعي انتظاميا سانگهڙ خلاف سخت نعريبازي ڪئي وئي  خبر موجب جهول شھر ۾ شھرين ۽ انساني حقن ۽ سماجي اڳوڻن پاران اٽو گيھ بصر دال ٽماٽرن ڀاڄين خلاف هٿرادو کوٽ ۽ پنهنجي مرضي جون قيمتون وٺڻ  ۽ قيمتن ۾ واڌ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري  سنڌ حڪومت ۽ ضلعي انتظاميا سانگهڙ جو علامتي جنازو ڪڍي انوکو احتجاج  ڪيو احتجاجي ريلي پريس ڪلب اڳيان  پهچي حڪومت خلاف  نعريبازي ڪئي ان موقعي تي احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي  لطف وساڻ ايان کرل؛ منير احمد ابو پوٽو ۽ ٻين اڳواڻن احتجاج ڪندي چيو ته سنڌ جي عوام سان ظلم جي انتها ڪئي وئي آهي  حڪمرانن سنڌي قوم کي مارڻ جو ٺيڪو کڻي ڇڏيو آهي ڪرپشن جا هن حڪومت رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن  ڪڻڪ گدامن مان کڻي ضلعي سانگهڙ جا اعلي آفيسر وڪرو ڪري رهيا آهن عوام کي اٽو ڏيڻ کان ضلعي سانگهڙ جي انتظاميا قرآن کڻي ڇڏيو آهي هنن اڄ چيو  هي علامتي جنازو، حڪومت جو آخري موت ثابت ٿيندو کنيو هنن چيو ته مهانگائي تي  اٽي ۽ ٻين روز مرہ جي شين جي قيمتن ۾ ڪمي نه آندي وئي ته پوري سنڌ مان ماڻهن جا بک وگهي جنازا نڪرندا هنن آخر ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان؛ چيف جسٽس سنڌ؛ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل ۽ ٻين کان گھر ڪئي آهي پوري ملڪ جيان جهول ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اٽي ۽ روز مره جي عام واهپي جي شين جي اگهن تي ڪنٽرول ڪري مسڪين مظلوم عوام کي جيئڻ جو حق ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.