جھوڪ شريف (ن ع آ) يونين ڪائونسل جھوڪ شريف جي مختلف پولينگ اسٽيشن تان مليل غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن موجب پيپلز پارٽي طرفان چئيرمين جو اميدوار علي نواز جتوئي 205 ووٽ کڻي سوڀ حاصل ڪري ورتي. غير سرڪاري ۽ غير حتمي نتيجن موجب يونين ڪائونسل جي سڀني پولنگ اسٽيشن تان پيپلز پارٽي اميدوار علي نواز جتوئي 1498 ووٽ کنيا جڏھن ته سندس مقابلي ۾ نواز ليگ اميدوار لعل بخش جتوئي 1293 ووٽ کڻي سگھيو.