روهڙي ڪئنال ۾بااثر زهريلي دوا اڇلائي ڇڏي، مڇي ۽ ٻي جيوت جو نسل ختم ٿيڻ لڳو!

ڪولاب جيئل/خيرپور (نمائندن وٽان) خيرپور ڀرسان روهڙي ڪيئنال مان بااثر مڇي جي ٺيڪيدار جمن ٿيٻو پاران روهڙي ڪئنال اندر مڇي مارڻ لاءِ پاڻي ۾زهريلي دوا ملائي پاڻي اندر رهندڙ مڇي ۽ ٻئي جيوت جو نسل ختم ڪرڻ لڳو آهي، فشريز کاتي پاران بااثر کي مڇي مارڻ جي لائيسنس ڏئي پاڻي اندر رهندڙ جيوت جا ناياب نسل مڇيون ٻلهڻ. کڳو. سينگاري. پلو. پوئڪي. ڏنڀرو. موراکي، ٿيلهي سميت  پاڻي اندر رهندڙ ڪڇون، ڪمي ڏيڏر، سيسر ۽ ٻين جاندارن جو جاني دشمن بڻجي چند ٽڪن عيوض جاندارن جو قتل سري عام ڪرڻ لڳو آهي جنهن خلاف جيوت کاتي جي مڙني ادارن چپ جو روزو رکي ڇڏيو جنهن سبب پاڻي اندر رهندڙ جيوت جي نسل ڪشائي ڪرڻ سميت علائقي واسين جي چوپائي مال کي روهڙي ڪئنال مان پاڻي پيئڻ سبب موت جو خطرو وڌي ويو آهي، علائقي واسين جو دانهون ڪنهن  به سرڪاري عملدار بااثر ٺيڪيدار خلاف نوٽيس نه ورتو بااثر ٺيڪيدار روزاني جي بنياد تي لکين رپين جي مڇي  مارڻ سان گڏ جيوت جو نسل ختم ڪري ڇڏيو آهي، پاڻي زهريلو هجڻ ڪري مڇين سميت ٻين جاندار تڙپڻ لڳا آهن، انتظاميه اگھور ننڊ ستل بااثر ٺيڪيدار اڇي ڪاري جو مالڪ بڻيل آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.