مڪاني ادارن جي نئين قيادت عوامي مسئلا گھٽ ڪري سگھندي ؟

آخرڪار سنڌ جي باقي رھيل 16 ضلعن ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون بھ خيرخوبي سان ٿي ويون،ھي چونڊون گھڻو اڳ ٿيڻيون ھيون جيڪي ڳچ عرصي کان مختلف سببن جي ڪري التوا جو شڪار رھيون.

سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جي ٻئي مرحلي جي پولنگ آچر ڏينھن صبح 8 وڳي  شام 5 وڳي تائين جاري رهي،ھڪ اندازي موجب ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾هلندڙ اسي لک کان وڌيڪ ووٽر ھئاجڏھن تھ صوبي جي 16 ضلعن ۾ چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين جي عهدن لاءِ 17 هزار 863 اميدوارن ۾ مقابلو ھو.

ڪراچي جي 4 هزار 997 پولنگ اسٽيشنن ۽ حيدرآباد ڊويزن جي 8 هزار 876 پولنگ اسٽيشنن تي سي سي ٽي وي ڪئميرائن لڳائڻ سميت سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا ھئا. ڪراچي ڏکڻ ضلعي ۾ 1048، اوڀر ضلعي ۾ 2046 ۽ اولهه ضلعي ۾ 1903 پولنگ اسٽيشنون مان 8 هزار 153 پولنگ اسٽيشنن کي حساس يا انتهائي حساس قرار ڏنو ويو ھو.

اليڪشن ڪيمشن جي فيصلي موجب 15 جنوري تي ٿيل چونڊن بابت ان وقت مونجھاري واري صورتحال پيدا ٿي وئي ھئي جڏھن  ايم ڪيو ايم جي مختلف ڌڙن جي ضم ٿيڻ سان جڙيل متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان مڪاني چونڊن روڪرائڻ جي ڪوشش ھئي جنھن ڪري آخري وقت تائين بھ معاملو منجھيل ئي رھيو خاص ڪري ڪراچي ڊويزن ۽ حيدرآباد ضلعي ۽ دادو ضلعي جو ووٽر ان شڪ ۾ ھو تھ چونڊون ٿينديون بھ يا نھ . ڪراچي پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته شهر ۾  43 هزار 605 کان وڌيڪ اهلڪار سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏنا.

سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو مدو 30 آگسٽ 2020 تي ختم ٿي ويو هو، جنهن کانپوءِ اليڪشن ڪميشن 120 ڏينهن اندر نئين مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو پابند ھئي پر اهو ممڪن نه ٿيو.

سنڌ ۾ مڪاني ادارن جي چونڊن جو ٻيو مرحلو اصل ۾ 24 جولاءِ 2022 تي ٿيڻو هو، پر سڄي ملڪ ۾ خاص ڪري سنڌ ۾  غيرمعولي برسات ۽ ٻوڏ سبب اليڪشن جو عمل ملتوي ٿي ويو،جيڪو بعد بھ مختلف سبب جي ڪري ملتوي ٿيندو آيو. اليڪشن ڪميشن مڪاني ادارن جي چونڊن لاءِ 23 آڪٽوبر 2022ع جي تاريخ مقرر ڪئي هئي پر صوبائي حڪومت جي درخواست تي ان کي بھ ملتوي ڪيو ويو.

بعد ۾ اليڪشن ڪميشن متحده قومي موومينٽ (ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي درخواست رد ڪندي صوبي ۾ مڪاني چونڊون 15 جنوري تي ڪرائڻ جو اعلان ڪيو.ان بعد سنڌ هاءِ ڪورٽ به ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اھڙي نوعيت جي درخواست رد ڪري ڇڏي. تڪبندين تي ايم ڪيو ايم جي تحفظات کي نظر ۾ رکندي سنڌ حڪومت 13 جنوري تي ڪراچي، حيدرآباد ۽ دادو ۾ 15 جنوري تي ٿيندڙ بلدياتي چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ھو، پر اليڪشن ڪميشن سنڌ سرڪار جي چونڊن ملتوي ڪرڻ واري ڪيل درخواست کي رد ڪري ڇڏيو.

پھرين مرحلي  ۾سنڌ ۾ مڪاني ادارن جون چونڊون 26 جون 2022 تي ، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص ڊويزن جي 14 ضلعن ۾ ٿيون. انهن 4 ڊويزنن ۾ سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير آباد ۽ ميرپورخاص شامل ھئا. جن ۾ 14 ضلعا گهوٽڪي، سکر، خيرپور، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، ڪشمور شامل آهن. ڪنڌڪوٽ، شڪارپور، جيڪب آباد، نوشهروفيروز، شهيد بينظير آباد، سانگهڙ، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ ٿرپارڪر شامل هئا.

ھن کان اڳ بھ ھڪ ڀيرو جڏھن ايم ڪيو ايم جنرل مشرف جي دور ۾ مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ ڪيو ھو، تھ ڪراچي ۾ جماعت اسلامي کي اڳتي اچڻ جو موقعو مليو ھو، ايڊووڪيٽ نعمت الله خان ڪراچي جو ناظم ٿي ويو ھو، ڪراچي ۾ اڳي تھ جماعت اسلامي ۽ ايم ڪيو ايم ھڪ ٻئي جا حريف رھيا آھن، پر چونڊن واري معاملي ۾ايم ڪيو ايم کان جماعت اسلامي پوئتي رھندي آئي آھي.

گذريل عام چونڊن ۾ ڪراچي ۾ ھڪ نئون لاڙو اھو ھو تھ ان ۾ ايم ڪيو ايم جا وڌيڪ ووٽ تحريڪ انصاف خراب ڪيا ھئا،جنھن بعد ھاڻي بھ ايم ڪيو ايم کي جماعت اسلامي جي ڀيٽ ۾ پي ٽي آءِ کان وڌيڪ خوف آھي، اھڙي طرح ڪنھن حد تائين سنڌ جي حڪمران پيپلزپارٽي پڻ ڪراچي جي خاص علائقن ۾ پنھنجا پير کوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي آھي. ڪراچي مڪاني ادارن جي لحاظ کان گھڻو اھم مورچو آھي، ھڪ پاسي ھڪ صوبي جو اقتدار ٻئي پاسي ڪراچي جي حڪومت.  ھن ڀيري بھ ڪيترائي مبصر اھو سمجھن ٿا تھ ايم ڪيو ايم اصل ۾ ھارائڻ واري خوف ۾ مبتلا ھئڻ ڪري اھڙين  چالن جو سھارو ورتو پر آخر ۾ ڪا بھ ڪاميابي نھ ٿي سگھي.

ٻئي پاسي ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي نئين سر سان انضمام ڪري اھو گھڻو مشڪل ھو تھ ٿوري ئي وقت ۾ وري پنھنجون ووٽ بينڪ برقرار رکي سگھي ان ڪري بائيڪاٽ ڪرڻ ۾ ئي ھنن بھتر سمجھيو، جنھن جون ھڪ کان وڌيڪ معنائون ٿي سگھن ٿيون، ڪي مبصر اھو چون ٿا تھ ايم ڪيو ايم ،باقي ٽنھي پارٽين کي موقعو ڏئي ڪري پنھنجي ساک بچائڻ جي ڪوشش ڪئي آھي.

مڪاني ادارن جو اصل مقصد تھ عوام جي علائقائي ۽ شھري مسئلن جي حل لاءِ سياسي قيادت کي واڳ ڏيڻ آھي، جيئن اھا پنھنجي ماڻھن جي فوري نوعيت جي علائقائي مسئلن کي حل ڪري سگھي پر سنڌ ۾ ھر ٽائون ۽ ضلعي ۾ بيجا مداخت ھئڻ ڪري عام ماڻھون جي مسئلا حل ٿيڻ جو تاثر ڏنو ويندو آھي پر اھي حل نٿا ٿين.  مثال طور سنڌ جي سمورن وڏن شھرن جي پاڻي نيڪال،رستن ۽ ٻين عوامي سھولتن ۽ سوڪ مسئلن جو ذڪر ڪري سگھجي ٿو،جن کي حل نٿو ڪيو وڃي، ڪن مبصرن جو خيال آھي تھ مڪاني ادارن جو اقتدار ۽ ناڻو سياسي رشوت طور ڏنو وڃي ٿو. ڇا ھاڻي ايندڙ قيادت سنڌ جي شھري مسئلن کي واقعي حل ڪري عوام جي لاءِ ڪنھن سک فراھم ڪرڻ جو سببب بڻجندي يا ساڳي صورتحال رھندي.وقت ئي اھو فيصلو ڪندو باقي دعويٰ ڪرڻ ۾ تھ ڪو بھ نٿو گھٽائي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.