ڊجيٽل آدم شماريءَ جون خاميون 

تحرير: رياض ابڙو 

ڪجهھ شيون عام فهم هجن ٿيون يا جيڪي رائج العام هجن ان ڪري ته ملڪ جي سرسري آباديءَ کي ڏسڻ به ان ڳالھه سان مشروط آهي ته جيڪي به فيصلا ڪجن اهي ڪنهن اليٽ ڪلاس کي ڏسي نه ڪجن يا جيڪي شيون مغرب ۾ رائج هجن يا هلنديون هجن انهن جي ٻين غريب ملڪن ۾ لاڳاپو يا ٿڦڻ ڪنهن صورت ممڪن ناهي ان ڪري آبادي جي شرح، لٽريسي ريٽ، يا شهري ۽ ڳوٺاڻي آبادي جي برابر جي شرح کي ڏسڻ به ان ڳالھه سان مشروط آهي ته ڪيترا ماڻهو انهن ڊجيٽل مشينن کي سمجھي سگهن ٿا يا جيڪي ڪاڳرن تي لکيل ۽ ”ايل اي ايز“ جي نگهبانيءَ ۾ ٿيل آدم شماري ۾ به گڙٻڙ ڪري سگهن ٿا انهن اختيارن تي ڪهڙو ڀروسو ته اهي جيڪي به فيصلا ڪن ٿا انهن ۾ انهن جي نيت ڪهڙي هجي ٿي يا اهي جيڪي به مشينون ايجاد ڪن ٿا انهن ۾ انهن جي لساني حس يا رڳ شامل ناهي ان ڪري ته گذريل آڪٽوبر ۾ پي ٽي آءِ ان ڊجيٽل آدم شماري سان گڏ ”ئي وي ايم“ جي ڳالھه به ڪڍي هئي ته ملڪ کي پچ ٻڌي مهري ڪبو ان ڪري اسٽبلشمينٽ جا فيصلا ڪندڙ ماڻهو يا جنهن طبقي جي ماڻهن کي ڊجيٽلائيزيشن جي خبر آهي پر اهي غريب طبقي جي ماڻهن کان ڄڻ اڻ واقف آهن، ان ڪري اهي جيڪي به فيصلا ڪن ٿا اهي عوامي ناهن هوندا.

ڊجيٽل آدم شماري جي ڳالھه ڪيون ته انهن مشينن سان نيٽ ورڪ ۽ وائرس جو مسئلو هجي ٿو يا هيڪنگ جو مسئلو تمام شديد هجي ٿو، ان ڪري اها ڳالھه ڪير پڪ ڪندو ته جيڪي به مشينون استعمال ٿينديون اهي هيڪنگ کا بچائي سگهبيون يا جيڪي به مشينون استعمال ٿينديون انهن جي ڊيٽا جي چوري نه ٿيندي يا ان ڊيٽا جي جاءِ تي ٻي ڊيٽا نه ڏني ويندي، جيڪي به ڊجيٽل مشينون استعمال ٿينديون اهي جي خراب ٿي پيون ته انهن جي ڊيٽا ڪاڏي ويندي يا ڊيٽا جي ڪرپٽ ٿي پئي ته انهن جي ذيان ٿي وڃڻ جو ڪير زميدار هوندو، يا ٻيا ڪيترائي اهڙا سوال، ان ڪري حڪومت جيڪي 30 ارب روپيا خرچ ڪندي يا جيڪي به يا جيڪي به آپريشنل ذيان ٿيندا يا جيڪو قومي خزاني جو نقصان ٿيندو ان جو ڇا ٿيندو، يا جيئن اليڪٽرونڪ ووٽنگ مشين چڱن ڀلن ملڪن يا مغرب جي ملڪن ۾ به ناڪام ٿي چڪي هئي ته پوءِ اسان جهڙي ملڪ ۾ اهي شيون ممڪن ڪيئن ٿيون ڪري سگهجن، ان ڪري ادارن، شخصن يا اسٽبلشينٽ کي جي من ۾ ڪا ٺڳيءَ يا ڪا بدنيتي آهي ته اها ائين ظاهر نه ڪن جن ۾ قومن جو نقصان ٿئي يا انهن سان اهڙي طريقي کيڏ نه کيڏي سگهجن ان ڪري ڊجيٽل آدم شماري به ان ”ئي وي ايم“ وانگي وڏي ٺڳي جا سامان آهن جنهن ۾ ڪجھه به ٿي سگهي ٿو ۽ انهن شين جي پاڙ نه لهي سگهبي يا اهي شيون پوءِ چيلينج به نه ٿيون ڪري سگهجن.

آدم شماري ۽ بنيادي سهولتون هڪ ٻئي سان مشروط آهن ان ڪري آبادي جي شماري ڪرڻ مان مراد اها ئي هوندي آهي ته ان آدم شماري جي نتيجن جي بنياد تي اتان جي علائقن ۾ تڪ بنديون ڪيون وڃن، صوبائي ۽ قومي اسيمبليءَ جي سيٽون مقرر ڪيون وڃن، سينيٽ جي سيٽن جي ورڇ ڪري سگهجي، ان کان علاوه آدم شماري ان ڪري به ممڪن ڪري سگهبي آهي ته هر ڏهين سال هر صوبي ۽ هر شهر جي ماڻهن جي ڳڻپ ڪجي ته جيئن انهن کي اين ايف سي ايوراڊ جي ورڇ ڪجي ۽ اهي صوبن کي ڏئي سگهجن يا اها شيءِ به ممڪن ڪري سگهجي ته انهن ماڻهن جي لاءِ روڊ رستا، اسڪول، ڪاليج، يونيورسٽيون ۽ ادارا قائم ڪري سگهجن يا بنيادي سهولتن ۾ اهو به آهي ته انهن ماڻهن کي صحت ۽ سيڪيورٽي مهيا ڪري سگهجي يا انهن ماڻهن کي روزگار ۽ صنعتون ڏئي سگهجن ان ڪري آدم شماري ان ڪري به ضروري آهي ته اهڙي طريقي ان خطي ۽ صوبي جي ماڻهن کي ڳڻپ بهتر ڪري سگهجي ان ڪري آدم شماري ڪئي ويندي آهي پر انهن سڀني سهولتن کي ڏس اها ڳالھه چئي سگهجي ٿي ته اسان جي ملڪ ۾ اهڙين سهولتن، بجيٽ جي ڳڻڪائڻ جي حرفتن جي ڪري آدم شماري سدائين بدنيتي جو شڪار رهندي آئي آهي ۽ رهندي، ان ڪري لساني عنصر ان ۾ سدائين شامل حالِ رهندو آيو آهي، ڇو ته آدم شماري جي ذريعي اهي لڪل قوتون سدائين ننڍن صوبن سان ٻه اکيائي ڪنديون آيون آهن ڇو ته جي آدم شماري صحيح ٿي وئي ته انهن عنصرن يا ديش دروهين جون نيتون پوريون نه ٿي سگهنديون.

اصل ڳالھه اها به آهي بغير شناختي ڪارڊ جي آدم شماري ڪيئن ممڪن ڪري سگهجي ٿي (پراڻن وقتن جي ڳالھه ٻي هئي) جڏهن اهي آدم شماريون خطي ۾ ماڻهن جي موجودگي تي انهن ماڻهن جي ڳڻپ ۽ شماري ڪري سگهبي هئي، پر هاڻي ته شيون پهرين کان ئي اهڙي ڊيٽا بيس ۾ پيل رهن ٿيون جنهن ۾ هر فيمليءَ جو شناختي ڪارڊ موجود هجي ٿو (ايڪسپائري الڳ ڳالھه آ) پر آهي ته صحيح، ان ڪري نادرا جهڙو ادارو ۽ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ان ڳالھه جو مدعي ڪيئن ٿي سگهي ٿو ته ڊجيٽل مشينن جي ذريعي اهي ڳڻپ ڪندا جنهن ۾ شناختي ڪارڊ ضروري ناهي ته پوءِ ووٽن جي لاءِ به شناختي ڪارڊ ضروري نه ڪن، ان ڪري انهن ادارن، اسٽبلشمينٽ يا بدنيت ڌرن جي دماغ ۾ اهو آهي ته اهي شهرن مان بغير شناختي ڪارڊ جي آدم شماري ڪري انهن لساني ڌرين جي ديرينا خواهش پوري ڪندا يا اهي جيڪي هيل تائين ٽي ڪروڙ ٽي ڪروڙ ڪندا ٿا وتن، انهن جي لاءِ هاڻي اهو آسان هوندو ته اهي هڪ بٽڻ جي زور تي پنهنجي خواهش پوري ڪري سگهن، يا هڪڙي ڳالھه اها به آهي ته پنن تي ڪم کي ڪير به وري وري چيڪ ڪري سگهي ٿو پر ڊجيٽل مشينن ۾ بغير شناختي ڪارڊ جي ڪير ان ڳالھه جي تصديق ڪندو ته اها ڊيٽا ڪنهن جي آهي يا ان شخص جي پيءُ، مڙس ۽ زال يا پيءُ ۽ پٽ جو نالو ڇا آهي، اهي ڪهڙي ٻولي ٿا ڳالهائن، يا اهي ڪهڙي ذات سان تعلق رکن ٿا يا اهي ڪهڙي ايڊريس تي رهن ٿا يا انهن ماڻهن جي ڌنڌي يا نوڪري جي تصديق ڪيئن ممڪن هوندي.

اها ڳالھه ڪيئن ثابت ڪري سگهبي ته انهن جي مشينن ۾ پيل ڊيٽا ڪيتري صحيح ۽ ڪيتري غلط آهي، اهي مشينون به “رپيٽ“ ٿيل نالن، پيءُ جي نالن يا ائين مڙس، پٽ يا ماءُ جي نالن کي ڪيئن ڏسي سگهندا ان ڪري ته اهڙي آدم شماري ائين هوندي جو چائينا جي ماڻهن کي سامهون بيهاري ڳڻجي يا انهن جي سڃاڻپ به ڪري سگهجي، ان ڪري ته چيني سڀ جا سڀ هڪجهڙا ٿيندا آهن ان ڪري اهڙي آدم شماري مان ڪهڙو فائدو جنهن جا نتيجا سڄي عمر چيلينج نه ڪري سگهجن يا ٻڌائي نه سگهجي ته ڪراچيءَ جهڙي شهر ۾ گهر شماري کي ڇڏي ڪري ڪيترا بنگالي، برمي، افغاني، ڀارتي، ڪشميري يا ٻيا دنيا جا نسل رهن ٿا يا ڪير ڪير اتي ٿي سگهن ٿا هتي جي لساني ڌرين جي پٺڀرائي ڪري اهي ڌريون ڇا ثابت ڪرڻ ٿيون چاهن ته اهي شهري آباديءَ کي ٻيڻو چئوڻو ڪري ڳڻي شماري ڪري هي شهري آبادي کي ڇا ٿا ڪرڻ چاهن، پر دنيا ۾ اربنائيزيش جو رجحان هجي ئي هجي ٿو،

سو اسان جهڙي ملڪ ۾ ترقي جو ريشو ان اربنائيزيشن سان مشروط ضرور آهي ۽ ايترو ئي ريشو اسان جي صوبي ۾ به آهي ته جيڪا به آبادي وڌي ٿي اها ان صورت ئي وڌي ٿي، ان ڪري آباديءَ جي شرح جو شهرن ۾ رهڻ به ان حق جي پٺڀرائي ڪري ته جيڪي به شهرن ۾ رهن ٿا اهي سڀاڻي ووٽ ڪري سگهن يا ووٽن جي ڪرائيٽيريا ٻي ۽ آدم شماري جو فارمولو ٻيو آ يا آدم شماريءَ ۾ بدنيتي جو ريشو تمام گھڻو رکيو اٿن، ان ڪري اهڙي طرح ٿيندڙ هيءَ آدم شماري ٻين کي نقصان يا فائدو ڏئي پر اسان جي ماڻهن کي بيدخليءَ ۽ محرومين کان سواءِ ڪجھه به نه ڏيندي، ان ڪري ان آدم شماري جي طريقي کي نندجي ٿو ڇو ته ان طريقي سان ٿيندڙ آدم شماري لساني رنگ کي وڌيڪ اڀار ڏيندي، ٻيو ڪجھه به نه، ان ڪري هيل تائين سڀ کان وڌيڪ ضد بحث واري آدم شماري 2017 واري ئي هئي جنهن کي ايم ڪيو ايم ان ڪري به وڌائي پيش ڪيو ڇو ته ان ۾ اردو ڳالهائڻ وارن جي آبادي 7 سيڪڙو کان گھٽجي وئي هئي جيڪا شروع وارين آدم شمارين ۾ هئي جيئن 1951، 1961، 1981، 1998 ۽ 2017 ۾ ڪئي وئي هئي، ان ڪري هاڻي واري آدم شماري لسانيت کي هوا ڏيندي ڇو ته ڊجيٽل آدم شماري ملڪ جي ان ڪري به ڀلي ۾ ناهي جنهن طريقي ”ئي وي ايم“ به ووٽنگ جي لاءِ موزون نه هئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.