پنجاب حڪومت جو خاتمو ۽ ايندڙ سياست جو پوتاميل

تحرير:  رحمت الله ٻرڙو

ملڪي آبادي جي لحاظ کان وڏي آبادي واري صوبي پنجاب جي  حڪومت  پرويز الاهي جي هٿان  پاڻمرادو گهر ڀيرو ٿيڻ بعد نگران حڪومت جي سيٽ اپ ڏانهن پڻ هلي وئي آھي.

جمهوري قدر ۽ پارلياماني اصولن مطابق ايئن ٿيڻ ته نه کپندو هو پر اقتداري پارلياماني سياست جون رمزون ۽ راز پنهجي پنهنجي رياض سان هلندا ۽ بيهندا آھن ان ڪري جيڪو ڪجهه پرويز الاهي جي هٿان پنجاب ۾ ٿيڻو هو سو هن چوڻ وارن جي بنياد تي ڪري ورتو

ملڪي سياسي انتظامي ۽ معاشي حالتن تي نظر رکندڙ حلقن اڳيان پنجاب حڪومت واري ڊراپ سين کي جنهن پس منظر ۾ ڏٺو وڃي پيو اهو پس منظر سياسي ڌرين لاءِ ڪو چڱو ڪونه ٿو سمجهيو وڃي !!

اڪثر طور ڏٺو اهو ويو آھي ته اقتداري رساڪشي ملڪ جي ٻين صوبن خصوصن سنڌ يا بلوچستان کان ڪئي ويندي آھي ۽ ٿيندي رهي آھي پر هنن حالتن ۾ جڏهن جهيڙو سياسي طاقتن/ ڌرين جو پنجاب بيس سياسي ڌرين اندر آھي ته ان لاء ھنن سياسي آکاڙي ۽ رساڪشيء جو محور يا نيوڪلس پڻ پنجاب صوبو بڻايو آھي.

تحريڪ انصاف،ن ليگ ،ق ليگ پارٽيون ۽ قيادتون پنجاب بيسڊ پارٽيون آھن جن جا انگ اکر اسيمبلي ميمبرن جا يا سندن اسم يا کڻي چئون ته ننگ/ڪن اتي آھن ۽ اقتداري پهچ به ان ڊوڙ مان ڪراس ڪري اڳتي وڌڻ جو نالو حڪومت آھي جيڪا منزل انهن ٽنهي سياسي ڌرين جي پڻ آھي.

پنجاب بيسڊ سياسي ماحول ۾ اقتداري رساڪشي ۾ عمران حڪومت ڪيرائڻ کانپوءِ  سياسي ڌرين ڪيترو پاڻ سياسي طور وڃايو ۽ حاصل ڪيو آھي ان بابت چوڻ ۽ لکڻ جي ڪا ڳالھه ڪونهي سڀ جي سامهون پڻ آھي. مثال طور ن ليگ وفاق ۽ پنجاب حڪومت حاصل ڪرڻ بعد به پنجاب بيسڊ قيادت هوندي پنهنجو اقتدار ته ڪونه بچائي سگهي رهندو سياسي اتحادي ۽ اقتداري اعتبار جي بنياد تي هن وقت پنجاب ۾ ڳڻتيء واري صورتحال پڻ آھي جو گذريل  ڏينهن جي لنڊن ۽ لاهور اجلاسن ۾ ن ليگ اندروني احوال ۾ هڪ ٻئي تي  برهم پڻ هئي ته  آصف علي خان زرداريء تي اعتبار ڪرڻ ۽ اسٽيبلشمنٽ سان ويجهڙائي سبب سياسي پد بجاءِ وڌڻ جي گهٽ ٿيو آھي جو اقتدار وفاق ۾ هجڻ ۽ پنجاب ۾ پاڻ نه بچائي سگهڻ سبب عوامي همدرديون وڌڻ بجاءِ گهٽيون آھن!!

هوڏانهن ق ليگ  جنهن جي سربراهي اڳوڻو وزير اعظم ۽ ھن وقت ملڪي سياست جو روايتي  پوئلڳ چوڌري شجاعت حسين به پنهنجي پارٽي کي هن اقتداري رساڪشي ۾ برقرار رکي نه سگهيو جيڪا سياسي طور تي پڻ پارٽي لاءِ ڳڻتي واري صورتحال آھي!!

اهڙي طرح سان تحريڪ انصاف جنهن به بنياد تي وفاق مان اقتدار مان گهر ڀيڙي ٿي آھي ۽ پنجاب ۾ پنهنجو اقتداري طاقت وڃائي پنهنجي سياسي ۽ پارٽيء کي ڪمزور ڪري چوڌري  پرويز الاهيء تي اعتماد ڪرڻ ۽ اقتدار ڏيڻ تي مجبور ٿيو ۽ پنهنجي پارٽي اڳواڻن کي مايوس ڪيو اهو سنوڻ به سياسي ۽ عوامي توڻي پارٽي سطح تي سندن لاءِ بهتر ڪونه آھي ۽ خود پنجاب ۾ هنن جتي پاڻ مرادو اقتدار لوز ڪيو اتي سندن سياسي ۽ عوامي ساخت بهپڻ ڪمزور نظر اچي رهي آھي!!

هوڏانهن آصف زرداري ۽ سندس پارٽي سڀني کان اڳو اڳ پاڻ پيش ڪري اقتداري جوڙ توڙ ۾ پنجاب ۽ وفاق۾ سامهون سامهون نظر اچي ٿي ان اتي پنهنجي  سياسي ساک سنڌ ۾ ڪمزور ڪئي آھي ۽ پنجاب بيسڊ ته خود نه ته پارٽي آھي ۽ نه ئي قيادت  مولانا فضل الرحمان ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان پارلياماني طاقت رکندڙ سياسي جماعت پڻ آھي جنهن جي عوامي ۽ سياسي سگهھ پارلياماني گهٽ پر عوامي ۽ نظرياتي بنيادن تي وڌيڪ آھي . ظاهري طور تي وفاق ۾ ٻن کان ٽن وزارتن جوقلمدان وٺي ۽ ڪي پي ڪي جي گورنرشپ وٺي پاڻ کي پارلياماني حلقن ۾ متعارف ڪرائڻ ۾ پڻ ڪامياب ويو آھي. هاڻي هنن سياسي حالتن ۾ جڏهن پنجاب اسيمبلي ٽٽي چڪي آھي ۽ هن وقت تائين ڪي پي ڪي اسيمبلي ٽٽڻ جا اعلان ٿيندي نظر اچي رهيا آھي اتي به نگران سيٽ اپ يا گورنر راڄ واري صورت ۾ مولانا جي جي يوآءِ پاڻکي اقتداري ايڊجسٽمنٽ ۾ انٽرٽين ٿيڻ جي اميد ۾ آھي، باقي ان سموري صورتحال ۾ اڳتي سياسي ۽ اقتداري حلقن ۾ ڇا ٿيڻ وڃي رهيو آھي اهو ڪجهه ڏينهن اندر تمام جلد سامهون اچي ويندو،ڇوته ايم ڪيو ايم ڪراچي ،حيدرآباد ۾ م ٿيندڙ مڪاني چونڊن جو بائيڪاٽ هروڀرون ڪونهي ڪيو ان پٺيان ڳجهھ ڳجهاندڙ ڪيتريون سياسي اقتداري راز رمز جونڳالهيون سمجھ ۾ اچي رهيون آھن

انهن سڀني ڳالهين کي سامهون رکي اقتدار ۽سياست جي رازن کي اندروني طور توري تڪي ڳالهائيندڙ ذريعن جو چوڻ آھي ته وري عمران خان جي تحريڪ انصاف کي وزير اعظم واري بي اعتمادي جي تحريڪ ۾ وارو ملڻ جا امڪان سمجهھ ۾ اچن پيا .

بهرحال  پنجاب اقتداري رساڪشي جو شڪار ٿي وري سياسي طور ملڪ ۾ هڪ ٻائيتال مچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آھي ان کانپوءِ واري جوڙ توڙ ۾ پ پ پ پ سنڌ ۾ گهڻو ڪجهه سياسي ۽ اقتداري طور وڃائڻ طرف وڃي رهي آھي ۽ امڪان  ته آھن ته پير صاحب پاڳارو پلس  ق ليگ سنڌ ،۽ ڪجهه سياسي اسٽيڪ هولڊرز(پ پ پ مخالف) گڏي حڪومت ۾  ايندا. ايم ڪيو ايم جو سياسي طور وفاقي حڪومت کان رسامو پڻ ان تسلسل جي سياسي بارگين يا ريهرسل پڻ ٻڌڻ جا سرٻاٽ آھن. سياسي حڪمت عملين کي اڳيان تورڻ وارا تکا واري چوڻي موجب گهڻو ڪجهه سياسي ۽ اقتداري طور سوچيو ويٺا آھن پر انهن سڀني رمزن جو پوتاميل تيستائين ڪڍڻ ڪجهه ڏکيو آھي باقي شھباز جي سياسي اقتداري پرواز هوائن جي رخن حوالي آھي ۽ ممڪن آھي ته ن ليگ جو لنڊن ۽ ڏيھ ۾ ٿيل سياسي طور اندوروني فيصلا منظر تي اڃا اچي ناهن سگهيا ۽ باقي سياسي ۽ اقتداري جوڙ توڙ سياسي ماهر آصف علي خان زرداري لاهور ياترا تي پهچي چڪو آھي. جتي هن سنڌ بيسڊ سياست ۽ حڪومت تي پاڻ کي محدود رکي وفاق ۾ کيڏڻ ۽ بلوچستان کي سياسي طور پنهنجي مفاد ۾ آڻڻ واري حڪمتي عملي تي عمل ڪرڻ  کي تيز رکيو آھي ڏسون ته  ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ سندس سياسي اقتداري جوڙ توڙ ڪٿي دنگ ڪري ٿي. تيستائين اسان موجود سياسي حالتن ۽اقتداري حالتن جي مٿين  پوتاميل تي يقين رکي پاڻ کي بيهاريون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.