سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن جي اپيل

اسين سنڌ گورنمينٽ جي تمام کاتن مان پنھنجي عمر جا 60 سال پورا ڪري رٽائر ٿيل 4 لک کان وڌيڪ رٽائر ملازم جن جي اڪثريت ھاڻي پنھنجي گھر وارين سميت مختلف جسماني عارضن ۾ مبتلا آھي.

عدالت سڳوري جي اڳواٽ علم ۾ آھي ته : 1). پاڪستان جي تمام صوبن بشمول گلگت بلتستان ۽ آزاد جمون و ڪشمير جا رٽائرڊ ملازم  وزيراعظم پاڪستان جا اعلان ڪيل 10 سيڪڙو پينشن ۾ اضافو اپريل 2022 کان کڻي رھيا آھن. 2).  عدالت عاليه سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلن تحت رٽائرمينٽ جي وقت کان گروپ انشورنس حاصل ڪري چڪا آھن ۽ ڪري رھيا آھن. 3).  رٽائرمينٽ جي وقت کان بينيوولينت فند حاصل ڪري چڪا آھن ۽ ڪري رھيا آھن. پر بدقسمتي سان سنڌ جي رٽائرڊ ملازمن کي سندن مٿي گذارش ڪيل ڪا به سھولت سنڌ حڪومت نه ڏئي رھي آھي. ان سلسلي ۾ معزز سنڌ جي اعلي عدالت ۾ اسانجي ڪجهھ رٽائرڊ ملازم ساٿين طرفان گروپ انشورنس ماڻڻ لاءِ استدعا ٿيل آھي جنھن جي ھمدرداڻن فيصلن جو انتظار آھي.

اسان  سنڌ جي اعلي عدالت کي اھا به  استدعا ٿا ڪيون ته سوموٽو ايڪشن کڻي اسان کي گروپ انشورنس سميت مٿيون تمام جائز قانوني مراعات به ڏياريون وڃن. اميد ٿا ڪيون ته معزز عدالت اسان بيمار پوڙھن پينشنرس جي حال تي رحم فرمائي معزز سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلن کي جاري رکندي اسانجي حق ۾ فيصلا صادر ڪرڻ فرمائيندي ته اسان نھايت شڪر گذار ٿينداسين.

پاران:

گورنمينٽ رٽائرڊ ايمپلائيز ويلفيئر ايسوسيئيشن سنڌ (گريوا سنڌ)

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.