عمران خان پنجاب جي نگران وڏي وزير لاءِ ٽي نالا فائنل ڪري ڇڏيا

لاهور(ويب ڊيسڪ)پي ٽي آءِ چيئرمين عمران پنجاب جي وڏ وزارت لاءِ ٽي نالا فائينل ڪري ورتا.

لاهور ۾ عمران خان سان ملاقات کانپوءِ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چوڌري پرويز الاهي ٻڌايو ته نگران وڏي وزير جي لاءِ مختلف نالن تي غور ڪيو ويو جيتوڻيڪ عمران خان گورنر کي موڪلڻ لاءِ ٽي نالا فائنل ڪيا آهن.

چوڌري پرويز الاهي ٻڌايو ته عمران خان ترتيب وار احمد نواز سکيرا، نصير احمد خان ۽ ناصر سعيد کوسي جي نالن جي منظوري ڏني آهي.

ق ليگ جي پي ٽي آءِ ۾ ضم ٿيڻ جي سوال تي هن چيو ته اسان اجلاس گهرايو آهي پارٽي عهديدارن سميت ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز به شرڪت ڪندا ۽ اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويندو. عمران خان ان حوالي سان چئي پيو ته اهو توهان به بهتر ٿيندو ته اسان جي پارٽي لاءِ به. جڏهن ته مونس الاهي جو به اهو ئي خيال آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.