پيپلزپارٽي بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي جو ميدان ماري ورتو: بلاول

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلال ڀٽو زرداري چيو آهي ته پي پي بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي جو ميدان ماري ورتو آهي.

ڪراچي ۽ حيدرآباد جي بلدياتي چونڊن جي نتيجن اچڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ مختلف علائقن ۾ سياسي پارٽين طرفان پنهنجي ڪاميابي جون دعوائون ڪيون پيون وڃن.

اهڙي ئي هڪ دعويٰ پرڏيهي وزير وزير ۽ پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀُٽو زرداري پاران به ڪئي وئي آهي.

بلاول ڀٽو زرداري سوشل ميڊيا تي جاري هڪ بيان ۾ چيو آهي ته پيلزپارٽي بلدياتي چونڊن جي ٻئي مرحلي جو ميدان پيپلزپارٽي ماري ورتو آهي. هن پوسٽ ۾ پيپلزپارٽي جي چونڊ نشان تير جو گِف فوٽو به لڳايو.

ان حوالي سان پيپلزپارٽي جي آفيشل ٽوئيٽر اڪائونٽ تان به هڪ ٽوئيٽ ڪيو ويو آهي جنهن ۾ لکيو ويو آهي ته ڄامشوري ۾ ٿيندڙ بلدياتي چونڊن ۾ پندرهن سيٽون کٽي ورتيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.