”نتيجا نه ڏيڻ تي عوام کي پولنگ اسٽيشنن جي گهيراءُ جو حڪم“

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان ڪراچي جي اليڪشن جا نتيجا نه ڏيڻ ۾ دير ڪرڻ تي عوام کي پولنگ اسٽيشنن جو گهيراءُ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.

صحافين سان ڳالهائيندي حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته اهو اسان جو آئيني، جمهوري ۽ قانوني حق آهي ته اسان کي اسانجي ڳڻپ ڪري نتيجا ڏنا وڃن پر چيف اليڪشن ڪمشنر ۽ سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن جي واضح حڪمن باوجود اسان کي يارهون ۽ ٻارهون فارم نٿا ڏنا وڃن.

حافظ نعيم الرحمان جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جا ڪجهه ڊي سي نتيجا جاري ڪرڻ ۾ رنڊڪ بڻجي رهيا آهن، نتيجي جاري نه ٿيا ته هڪ ڪلاڪ کانپوءِ سڄي شهر ۾ ڌرڻا شروع ڪري ڇڏينداسين، عوام پولنگ اسٽيشنن جو گهيراءُ ڪرڻ شروع ڪري.

جماعت اسلامي ڪراچي جي امير جو چوڻ هو ته جنهن کٽيو ان کي مبارڪون، جنهن هارايو ان جي حوصلا افزائي پر پر عوامي مينڊيٽ تي رت جي رات نه ڪرڻ ڏينداسين، ڪنهن کي به پنهنجي مينڊيٽ تي ڌاڙو هڻڻ نه ڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.