پيءُ معصوم پٽ کي ناجائز هجڻ جي شڪ ۾ قتل ڪري لاش ڦٽو ڪري ڇڏيو

نئين دهلي: (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ وحشي پيءُ پنهنجي 6 ورهين جي پٽ کي زال سان جهيڙي کانپوءِ ٻني ۾ آڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس اسٽيشن ۾ گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏيائين.

ڀارتي ميڊيا موجب پوليس شروعاتي جاچ ۾ قتل جو پتو لڳايو ۽ ٻارڙي جي قتل ۾ ملوث پيءُ کي گرفتار ڪري لاش ميدان مان هٿ ڪيو.

ڀارتي رياست اتر پرديش جي ضلعي سنڀل جي ڳوٺ ۾ ڌرميش نالي هڪ شخص پوليس اسٽيشن ۾ پنهنجي پٽ جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ڪرائي، جنهن بعد پوليس ٽيم ٺاهي جاچ شروع ڪري ڇڏي.

جاچ دوران پوليس کي انڪشاف ٿيو ته ڌرميش پنهنجي ئي پٽ کي ناجائز ٻار سمجهندو هو، جنهن سبب هن معصوم کي بيدردي سان قتل ڪري لاش ميدان ۾ اڇلايو.

پوليس موجب 5 جنوري تي ٻارڙي جي گمشدگي جي رپورٽ داخل ٿيڻ بعد پوليس انتظاميا ڳوٺ ۾ سي سي ٽي وي فوٽيج چيڪ ڪيا ته معصوم جو لاش ڪمند جي فصل مان مليو.

جاچ آفيسر جو چوڻ هو ته معصوم ٻارڙو گم نه ٿيو هو پر سندس پيءُ ڌرميش کيس جوتن جي پٽي سان قتل ڪري لاش ڪمند جي فصل ۾ اڇلائي ڇڏيو هو.

پوليس موجب جوابدار ڌرميش کي پنهنجي زال جي ڪردار تي شڪ هو، جنهن سبب هو مسلسل پنهنجي زال سان جهيڙو ڪندو هو ۽ ٻارڙي کي مارڪٽ ڪندو هو.

ڀارتي ميڊيا موجب قاتل پيءُ کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ جوابدار به قتل جو اعتراف ڪيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.