”فحاشي ٿي ڦهلائي“ عرفي جاويد بي جي پي اڳواڻ خلاف ميدان ۾ اچي وئي

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪرا عرفي جاويد بي جي پي اڳواڻ چترا واگهه خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيو.

بيجي پي اڳواڻ ڪجهه ڏينهن عرفي جاويد جي گرفتاري لاءِ پوليس کي شڪايت هئي ته هي فحاشي پکيريندي ٿي گهمي، هن کي گرفتار ڪيو وڃي.

اداڪارا جي وڪيل موجب هنن بي جي پي اڳواڻ خلاف عرفي جاويد کي ڌمڪيون ڏيڻ جو ڪيس ڪيو آهي.

ذريعن موجب چترا واگهه جي شڪايت تي عرفي جاويد کي پوليس اسٽيشن گهرايو ويو هو.

عرفي جاويد کي غيرروايتي فيشن ۽ عوام ۾ اوگهڙ وارو لباس پائڻ تي سوشل واهپيدار به ٽرول ڪندا رهندا آهن.

ان کان شڪايتن تي عرفي جاويد آپگهات جو چتاءُ ڏئي ڇڏيو هو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.