نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ) يوٽيوب هڪ اشتهار-سپورٽ ٽي وي چينل اسٽريمنگ سروس ٽيسٽ ڪري رهيو آهي .
وال اسٽريٽ جرنل جي رپورٽ موجب يوٽيوب ميڊيا ڪمپنين سان ڳالهه ٻولهه ڪري رهي آهي ته جيئن هو پنهنجي ٽي وي چينلز تان شوز ۽ فلمون مفت ۾ ڏيکاري سگهن.
يوٽيوب موجب سروس کي محدود انگ ۾ استعمال ڪندڙن تي آزمايو پيو وڃي.
ڪمپني چيو آهي ته اسان هميشه ڪوشش ڪندا آهيون ته اسان جي ناظرين کي مواد تائين رسائي جا نوان طريقا مهيا ڪيون.
سروس ۾ حصو وٺندڙ ميڊيا ڪمپنين کي به اشتهارن ذريعي حاصل ٿيندڙ آمدني جو حصو ڏنو ويندو.
يوٽيوب وٽ اڳ ۾ ئي اشتهار جي مدد سان فلمون آهن، پر هي نئين سروس واهپيدارن کي مفت فلمونن ۽ شوز جي وسيع رينج تائين رسائي فراهم ڪندي.
ان کان اڳ نومبر 2022 ۾ يوٽيوب پرائم ٽائم چينلز نالي هڪ فيچر متعارف ڪرايو، جنهن گوگل جي ملڪيت واري وڊيو شيئرنگ سروس تي 30 وڏين اسٽريمنگ سروسز مان شوز ۽ فلمون ڏسڻ ممڪن بڻايو.