مردن جي ليگ کانپوءِ عورتون به سپر ليگ ۾ جوهر ڏيکارينديون

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پهرين وومين سپر ليگ لاءِ هن سال سيپٽمبر جي ونڊو مختص ڪئي آهي، جيڪا پي ايس ايل کان الڳ ايونٽ طور منعقد ڪئي ويندي.

نجم سيٺي جي سربراهي ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي وومين ڪرڪيٽ ليگ کي پي ايس ايل جو سائيڊ لائن ايونٽ بڻائڻ بدران ان کي الڳ ايونٽ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب وومين ڪرڪيٽ ليگ جو پهريون ايونٽ هلندڙ سال سيپٽمبر ۾ ٿيندو، وومين ليگ ۾ 5 فرنچائز ٽيمون حصو وٺنديون ۽ فرنچائز جي حقن لاءِ الڳ الڳ بڊنگ ڪئي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پي سي بي کي اڳ ئي دنيا جي عورت ڪرڪيٽرن پاران شرڪت لاءِ دلچسپي جو اظهار ملي چڪو آهي.

واضح رهي ته ان کان اڳ پي سي بي رميز راجا جي قيادت ۾ وومين ليگ پي ايس ايل جي سائيڊ لائنز تي ڪرائڻ جو ارادو ڪيو هو.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ملاله فائونڊيشن ۽ گڏيل قومن سان لاڳاپيل ٻين عالمي عورتن جي تنظيمن کي وومين ليگ لاءِ بورڊ ۾ شامل ڪرڻ جو ارادو رکي ٿو ته جيئن ٽورنامينٽ ذريعي پاڪستان جي مثبت تصوير کي اجاگر ڪري سگهجي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.