ڪوهلي سريلنڪن بالرن لاءِ قهر بڻجي ويو، ڀارت ون ڊي سيريز ۾ آءِ لينڊرز کي وائٽ واش ڪري ڇڏيو

ٿرونانٿپرم( ويب ڊيسڪ ) ڀارت ٽين ون ڊي ميچ ۾ سريلنڪا کي 317 رنسن تان هارائي ٽن ميچن جي سيريز 3-0 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.

ٿرونانٿپرم جي گرين فيلڊ اسٽيڊيم ۾ ڀارتي ڪپتان روهت شرما ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلوڪيو.

ڀارت پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 50 اوورن ۾ پنج وڪيٽن جي نقصان تي 390 رنسون ٺاهيون.

ورات ڪوهلي ميچ ۾ نه رڳو سينچري اسڪور ڪئي پر هڪ ئي ٽيم خلاف سڀ کان وڌيڪ ڏهه سينچريون اسڪور ڪرڻ جو رڪارڊ  به پنهنجي نالي ڪري ورتو،  ان کان اڳ اِهو رڪارڊ ڀارت جي ئي عظيم بيٽر سچن ٽنڊولڪر وٽ هوئ

 انکانسواءِ ڪوهلي ان سينچري سان گڏوگڏ گهرو ميدانن تي سڀ کان وڌيڪ سينچرين جو سچن ٽنڊولڪر جو ئي رڪارڊ پڻ ٽوڙي ڇڏيو آهي، ڪوهلي جي هوم گرائونڊ تي سنيچرين جو انگ 21 آهي جڏهن ته سندس مجموعي سينچرين جو انگ 46 ٿي ويو  آهي.

سريلنڪا خلاف هن هڪ سئو ڏهن بالن تي انتهائي جارحاڻي انداز ۾ بيٽنگ ڪندي 166 رنسن جي اننگز کيڏي، ڀارت طرفان شڀمن گِل به سينچري اسڪور ڪئي جڏهن ته ڪپتان روهت شرما 42 ۽ شيرياس ايئر 38 رنسون ٺاهيون.

ڀارت جي 391 رنسن جي جواب ۾ سريلنڪن ٽيم 73 رنسن تي ڍير ٿي وئي، سريلنڪا طرفان رڳو ٽي رانديگر ڊبل فگر ۾ داخل ٿي سگهيا ۽ نوانائيڊو فرنينڊو  19 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو.

ڀارت جي محمد سراج چار جڏهن محمد شامي ۽ ڪلديپ ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.

 ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي ورات ڪوهلي کي ميچ ۽ سيريز جو بهترين پليئر قرار ڏنو ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.