باهه جا مچ ٻاري رکو، موسميات کاتي اڳڪٿي ڪري ڇڏي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ جي وڏي شهر ڪراچي ۾ اڄ صبح سياري جو سڀ کان ٿڌو ڏينهن هو.

موسميات جي تجزيه نگار جواد ميمڻ موجب گذريل رات شهر جي اترين علائقن ۾ گرمي پد 4.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 6 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

موسميات جي تجزيه نگار جواد ميمڻ جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 16 جنوري تائين سيءُ رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر ۾ موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهڻ جو امڪان آهي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اتر اوڀر کان گهلندڙ هوائن جي رفتار 10 کان 12 ڪلوميٽر في ڪلاڪ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هوا ۾ گهم 50 سيڪڙو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.