ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي ۾ ڇرين جا وار ڪري ٻن ڄڻن کي زخمي ڪيو ويو.
چاقو سان حملي جو واقعو نيو ڪراچي جي علائقي خميسا ڳوٺ ۾ الغوثيا ريسٽورنٽ ويجهو پيش آيو.
حادثي ۾ سخت زخمي ٿيل ٻن ڄڻن کي ايڌي ايمبولينس ذريعي عباسي شهيد اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ايڌي ذريعن موجب ٻن زخمين جي سڃاڻپ 30 ورهين جي شيراز ولد ارشد ۽ 40 ورهين جي اسد پٽ ثناءُ الله طور ٿي آهي.